عمران خان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ ۾ اپيلون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي
جُولاءِ 10, 2024
چيف جسٽس منهنجي ڪيسز جي ٻڌڻي نه هلائي: پي ٽي آءِ باني عمران خان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي انٽرا ڪورٽ اپيل تي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، چيف جسٽس کي سندس ڪيس نه ٻڌڻ ۽ انٽرا ڪورٽ اپيلون خارج ڪرڻ جي استدعا، پي ٽي آءِ باني جواب ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ کي آئين اندر رهي ڪري قانونسازي ڪرڻ گهرجي، نيب جيڪڏهن اختيارن جو غلط استعمال ڪري ٿو ته ترميم ان کي روڪڻ جي حد تائين ٿيڻ گهرجي، اختيارن جي غلط استعمال جو مثال منهنجي خلاف نيب جو توشه خانه ڪيس آهي، نيب منهنجي خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 80 لک جي هار کي 3 ارب 18 ڪروڙن جو بڻائي ڇڏيو، دبئي ليڪس تي نيب ۽ ايف آءِ اي کي فوري طور جاچ ڪرڻ گهرجي ها، دبئي ليڪس بعد محسن نقوي کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن دولت ڪٿان ڪمائي