عمران خان جي آزادي لاءِ پاڪستان سان ڳالهايو: 20 برطانوي پارليامينٽرينز جو حڪومت کي خط
آڪٽوبر 28, 2024
لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ مختلف پارٽين جي 20 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبرن برطانوي حڪومت کان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي لاءِ پاڪستاني حڪومت سان ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
ليور پول ريور سائيڊ جي پارليامينٽ ميمبر ڪِم جانسن عمران خان جي عالمي معاملن بابت صلاحڪار ذوالفي بخاري جي درخواست تي برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي کي خط لکي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل مان آزادي لاءِ پاڪستاني حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
ان خط تي سمورين پارٽين جي هائوس آف ڪامنز ۽ هائوس آف لارڊز جي ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي حڪومت جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اها پاڪستاني حڪومت سان ڳالهائي ۽ عمران خان جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي لاڳيتو نظربند ڪرڻ تي سخت ڳڻتي آهي. عمران خان جي قيد جو مقصد کيس سياسي عهدي لاءِ چونڊ وڙهڻ کان روڪي نااهل قرار ڏيڻ هو. برطانوي پارليامينٽ ميمبرن چيو آهي ته عمران خان جي لاڳيتي نظربندي سان ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن
افواهه آهن ته عمران خان جي قسمت جو فيصلو امڪاني طور هڪ فوجي عدالت ڪندي، جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ۽ مڪمل طور غير قانوني عمل هوندو
خط تي صحيح ڪندڙن ۾ ڪِم جانسن ايم پي، پائولا بارڪر ايم پي، اپسانه بيگم ايم پي، ليام برن ايم پي، روزي ڊفيلڊ ايم پي، گل فرنس ايم پي، پائوليٽ هيملٽن ايم پي، پيٽر ليمب ايم پي،اينڊي ميڪڊونڊل ايم پي، ابتسام محمد ايم پي، بيل ريبرو، اي ڊي ايم پي، زارا سلطانه ايم پي، اسٽيو ويدر ڊن ايم پي، ناديه وٽوم ايم پي شامل آهن. خط تي هيرنس جان بيڪ ويل، بيرنس ڪرسٽين بلور، لارڊ پيٽر هين، لارڊ جان هينڊي ۽ لارڊ ڊوڊو انفي جون به صحيحون ٿيل آهن
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري چيو آهي ته جن پارليامينٽ ميمبرن ۽ ميمبر آف ائوس ڪامنز خط تي صحيحون ڪيون آهن، انهن جو ٿورائتوآهيان. عمران خان جي غيرقانوني قيد ختم ٿيڻ گھرجي