عمران خان جي جناح هائوس حملي سميت 9 مئي واقعن جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت رد
جُولاءِ 10, 2024
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف باني عمران خان جي 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جناح هائوس، عسڪري ٽاور، شادمان ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ ٽي ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضماتن جي درخواست تي دليلن کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. سرڪار عمران خان جي جناح هائوس ۽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو هو ته عمران خان کان پڇا ڳاڇا لاءِ سندس گرفتاري گهربل آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد محفوظ فيصلو ٻڌايو.