عمران سيڪيورٽي رسڪ آهي، ٻيهر يوٽرن وٺندي ڳالهين لاءِ منٿون پيو ڪري: سرڪاري ترجمان
جُولاءِ 31, 2024
اسلام آباد(بيورورپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقيوزير عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان ٻيهر يوٽرن وٺندي ڳالهين جون منٿون ڪري رهيو آهي. ڪڏهن ٻانهون ٻڌي رهيو آهي ته ڪڏهن پيرين پئي رهيو آهي، ملڪي سلامتي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ملڪي مفادن خلاف سياست ڪئي. توهان جي ڏوهن جي لسٽ تمام ڊگهي آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي ۽ توهان جي پارٽي جا ماڻهو چئي رهيا آهن ته باني پي ٽي آءِ ناهي ته پاڪستان ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف منظم مهم هلائي ان جي دور ۾ ملڪي معيشيت شديد نقصان پهچايو ويو. تحريڪ انصاف وارا ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن اهي 9 مئي سانحي جو به اعتراف ڪري رهيا آهن ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته توهان ئي منصوبو ٺاهيندڙ آهيو.