عمران طالبان دوست، عورت مخالف ۽ اسامه حامي: چانسلر طور نامزدگي آڪسفورڊ جي توهين آهي: برطانوي ميڊيا
سيپٽمبر 2, 2024
اسلام آباد (م ڊ) برطانوي خابرو اداري پي ٽي آءِ باني کي طالبان دوست قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي چانسلر طور نامزدگي آڪسفورڊ جي عورتن جي توهين آهي. آڪسفورڊ جي چانسلر لاءِ اپلاءِ ڪرڻ تي گارجين ۾ عمران خان خلاف هڪ ٻيو ڪالم لکيو ويو آهي. برطانوي اخبار موجب عمران خان جي آڪسفورڊ چانسلر نامزدگي جي درخواست يونيورسٽي جي روايتن خلاف آهي ۽ ڇا طالبان دوست شخص جي چانسلر طور چونڊ درست ٿي سگهي ٿي؟ عمران خان عورتن جي تعليم تي پابندي لڳائيندڙ طالبان جي حمايت ڪئي ۽ اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏنو. گارجين موجب ڇا طالبان کي دوست چوڻ وارو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو، عمران خان زيادتي جو سبب عورتن جي لباس کي قرار ڏنو هو. دي گارجين اخبار موجب عمران خان جي اميدواري آڪسفورڊ جي عورتن جي توهين آهي، اهڙي شخص جو تصور ڪرڻ مشڪل آهي، ڪاش! ڪير عمران خان ۽ ان جي حامين کي به اهو ٻڌائي.