عمران جنهن سان ملڻ چاهي اڱاري تي ملاقات ڪرايو: عدالت جو حڪم: ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو
نومبر 9, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ سان فيملي ۽ وڪيلن جي اڱاري ڏينهن ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ٺاهينداسين جيڪا جيل ۾ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ سان ملندي. عدالتي حڪم باوجود اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت واري درخواست جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران باني تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل فريد چوڌري، سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل عبدالغفور انجم ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اياز شوڪت عدالت ۾ پيش ٿيا. فيصل چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن ميٽنگ جو شيڊول هيو پر ميٽنگ نه ڪرائي وئي. اسد قيصر، شبلي فراز کي به جيل ٻاهران بيهاريو ويو، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته هنن ان توهين عدالت ڪيس ۾ جواب جمع ڪرايو آهي. واضع ڪيو آهي ته عدالتي حڪم مطابق ٽي ڪوآرڊينيٽرز آهن، انهن ڪا لسٽ ناهي ڏني ته هي ڇهه ماڻهو ملڻ چاهين ٿا. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ايڊوڪيٽ جنرل کي چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو لسٽ ناهي ڏني وئي، هي چون ٿا لسٽ ڏني آهي. اوهان اهو ٻڌايو هنن جي ميٽنگ ڪڏهن ڪرائيندا. هي لسٽ اوهان کي هاڻي ڏيون ٿا. سپرنٽينڊنٽ اڊالا جيل چيو ته ان جا ڊاڪٽر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا اباني تحريڪ انصاف جو چيڪ اپ ڪندا آهن. خميس وارو ڏينهن فيملي، وڪيل ۽ ڊاڪٽرز لاءِ مختص آهي. اربع ڏينهن سياسي اڳواڻن ۽ دوستن لاءِ آهي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ايندڙ هفتي ملاقات ٿيندي. ڇو ته ايس او پيز طئي ٿي چڪيون آهن. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته اڳوڻو چيئرمين پي ٽي آءِ فيملي دوستن ۽ وڪيلن جن سان ملڻ چاهي ٿو اها لسٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندا. سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل لسٽ وٺي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي موڪليندو. اميد آهي ته تڪرار ختم ٿيندو. عدالت باني تحريڪ انصاف واري لسٽ جي ڪاپي پي ٽي آءِ سيڪريٽري سلمان اڪرم راجه کي به موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.عدالت اڱاري تي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو