عمران نومبر ۾ آزاد ٿيندو، پارٽي بشريٰ سنڀالي: لطيف کوسا
آڪٽوبر 28, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا نومبر ۾ پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏئي مولانا فضل الرحمان يوٽرن ورتو
هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته مولانا فضل الرحمان جنهن اسيمبلي کي پاڻ نه ٿو مڃي، ان اسيمبلي ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت جو حصو ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟ مولانا کي آئيني ترميم جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ها ۽ اسان جي ساڻس شڪايت ٺهي ٿي
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني آمريڪي صدارتي اليڪشن کان پوءِ جيل کان ٻاهر اچي ويندو، لطيف کوسا تجويز ڏني ته پي ٽي آءِ باني جي جيل کان ٻاهر اچڻ تائين پارٽي معاملا بشريٰ بي بي حوالي ڪيا وڃن بشريٰ بي بي يا عليمه خان کي پارٽي جو فوڪل پرسن بڻايو وڃي
بشريٰ بي بي کي فوڪل پرسن بڻائڻ سان مونجهارا ختم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته هن وقت بئرسٽر گوهر هڪ ڳالهه ته سلمان اڪرم راجا ٻي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اسد قيصر ۽ عمر ايوب وري ٽئين ڳالهه ڪري رهيا آهن