عمران جو ملٽري ٽرائل، فوجي عدالتون ۽ ڦاهي نٿا چاهيون، 25 آڪٽوبر تائين ترميمون نه ٿيون ته حالتون هٿن مان نڪري وينديون: بلاول ڀٽو زرداري
آڪٽوبر 3, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني ترميمون نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون شايد ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه هجن، 25 آڪٽوبر کان اڳ آئيني ترميمون ٿي وڃن ته معاملو پُرامن نموني حل ٿي ويندو، اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته آئيني ترميمون 25 آڪٽوبر کانپوءِ به ٿي سگهن ٿيون، پر آمهون سامهون ٿيڻ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت جي معاملي کي ائين نه ڇڏينداسين، اسان اڳ ئي دير جو شڪار ٿي چڪا آهيون، انکي هر صورت حل ڪنداسين، 2006 کان اسان جو اهو ئي مطالبو آهي ته آئيني عدالت ٺاهي وڃي ۽ اسان جي منشور جو به حصو آهي. هن چيو ته عدليه جيڪو ڪجهه ڪيو اُن جي ٽائيمنگ تي ڇو نٿو ڳالهايو وڃي، جهڙي نموني مخصوص سيٽن تي اسٽي آرڊر جاري ٿيو، اُن جي ٽائيمنگ تي ڇو نٿو ڳالهايو وڃي، ججز جي 4 صحفن واري وضاحت جي ٽائيمنگ تي ڇو نٿو ڳالهايو وڃي، پ پ چيئرمين چيو ته آئيني عدالت جي سربراهه سربراهه جو مُدو 3 سال هوندو، فوجي عدالتن جي حق ۾ نه آهيون، صحافين سوال ڪيو ته ڇا توهان ملٽري ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي ٽرائل جي حق ۾ آهيو؟ بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل بابت اڃا ڏسڻو آهي شاهديون ڪهڙيون آهن، 9 مئي واقعا بغاوت جي ويجهو هئا، جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو هاڻ ڪنهن کان به ڳجهو ناهي رهيو، هونئن به صدارتي معافي جو اختيار اسان وٽ آهي، پيپلزپارٽي ڦاهيءَ جي سزا جي خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي بي امني ڪيس 2011ع کان هلي رهيو آهي، اُن ۾ ڪڏهن واٽر ڪميشن بڻجي ويندي آهي ۽ ڪميشن وري اُتي ويندي آهي، جتي پاڻي ئي ناهي، ڪراچي بدامني ڪيس جو بهانو ڪري عدليه اسان جو بلدياتي نظام متاثر ڪري ڇڏيو.