2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ پراڻ ڍورو کي جهڏي ڀرسان گهارو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو
آگسٽ 31, 2024
جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان 50 فوٽ گهارو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو، پراڻ ڍورو کي ديهه 316 ڳوٺ محمد علي وٽان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو
گهاري بعد پراڻ جو پاڻي ڳوٺن ۽ جهڏو شهر طرف وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻن موجب ته گهارو هٿرادو طور هنيو ويو آهي، ڪجهه شرپسندن پنهنجا علائقن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هٿ سان گهارو لڳايو آهي
هوڏانهن ايل بي او ڊي عملدار ناصر جٽ ٻڌايو ته گهاري واري هنڌ پائيپ لڳل هو، گهارو بند ڪرڻ لاءِ انتظام ڪري ورتا آهن، جلد ئي گهارو بند ٿي ويندو
واضح رهي ته 2022ع ۾ به ساڳي هنڌ گهارو لڳو هو جنهن سبب شهر جون درجنين ڪالونيون ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا.