پاڪستان ۾ ريل جو سفر غير محفوظ: 9 سالن ۾ 1097 حادثا: 631 مسافر اجل جو شڪار
سيپٽمبر 30, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ريل جو سفر پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف. 9 سالن دوران حادثن ۾ 631 مسافر اجل جو شڪار ۽ 780 سخت زخمي ٿيا. ملڪ ۾ هر سال 70 کان وڌيڪ مسافر پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا. آڊٽ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ٽرين حادثن جو تناسب پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، رپورٽ ۾ ريلوي جي سيڪيورٽي قدمن ۾ وڏين خامين جي نشاندهي ڪئي وئي، خطرناڪ انگ اکر سامهون اچي ويا. آڊٽ رپورٽ موجب 2013 کان 2021 تائين 1097 حادثا رپورٽ ٿيا. آڊٽ رپورٽ مطابق پاڪستان ريلوي ۾ هر سال 100 کان وڌيڪ حادثا ٿين ٿا وڏن حادثن جو انگ 360 آهي، حادثن سبب ريلوي کاتي کي 3517.4 ملين رپين جو نقصان ٿيو. پنهجي اخبار ريلوي حادثن بابت ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف آڊٽ ريلويز لاهور کان جاچ رپورٽ حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ريلوي نيٽ ورڪ تي 1565 بغير ڦاٽڪ واري ڪراسنگ ٽرين حادثن جو هڪ وڏو سبب آهن، ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙيءَ سبب 493 ٽرين حادثا پيش آيا، آڊٽ رپورٽ مطابق پاڪستان ريلوي ان مالي نقصانن کي پنهنجي اڪائونٽن ۾ ظاهر نه ڪيو آهي. ريلوي جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ 46 صفحن تي مشتمل آهي. آڊٽ بين الاقوامي تسليم شده سيفٽي انڊيڪس ماڊل ذريعي پاڪستان ۾ ٿيندڙ حادثن جو مقابلو ٻين ملڪن سان ڪيو. پاڪستان ۾ 117 کان 164 حادثا في ملين ڪلوميٽر ٽرين جي سفر ۾ حادثا پيش آيا. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حادثن جي نقصان کي گهٽائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.