قمبر ضلعي ۾ 2022ع ۾سم نالن کي لڳل گهارا بند ڪرايو: ڊي سي جو سيڪريٽري کي خط

جُون 21, 2024

قمبر( رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ سال 2022ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ دوران آر بي او ڊي ون، آر بي اوڊي ٽو. آر بي او ڊي ٿري ( ايم اين وي ڊرين ) کي مختلف هنڌن تان لڳل گهارن جي بحالي وارو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو.  ان سلسلي ۾ ڊي سي قمبر سجاد حيدر قادري ڪمشنر لاڙڪاڻو جي ٿرو چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن ليٽر موڪلي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارن جي بحالي وارو ڪم جلد مڪمل ڪرائڻ لاءِ جي سفارش ڪئي. ڊي سي طرفان خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته 2022 واري مون سون جي برساتي ٻوڏ ۾ بلوچستان کان آيل پاڻي سميت برساتي پاڻي سبب ايف پي بچاءَ بند کي لڳل گهارن بعد ايم اين وي ڊرين کي به آر ڊي 89، آر ڊي 93،آر 65،آر ڊي 126،آر ڊي 119سميت 5 هنڌن تان گهارا لڳا هئا، ڊرين جا ڪپر ٽٽي ويا هئا جنهن سبب ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي هئي پر هن وقت تائين مٿي ڄاڻايل هنڌن تي لڳل گهارن جي بحالي وارو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو آھي.  وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪميٽي جي ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ مون ايم اين اي قمبر مير عامر مگسي، واپڊا سکر جي انجنيئر ساجد ابڙو، پي ڊي ڊرين پروجيڪٽ شڪارپور، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ عبدالعزيز جمالي کي به آگاهي ڏني هئي ۽ مٿي ڄاڻايل هنڌن جي گڏيل وزٽ به ڪئي هئي هلندڙ مون سون جون زوردار برساتون پوڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، هيوي برساتون پوڻ جي صورت ۾ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي قمبر سجاد حيدر قادري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل مون سون جي برساتي ٻوڏ ۾ ايف پي بچاءَ بند کي گهارا لڳڻ سميت ايم اين وي ڊرين کي به قمبر ضلعي ۾ 5 هنڌن تان وڏا گهارا لڳا هئا جنهن سبب وڏي تباهي آئي هئي،  انهن گهارن کي هن وقت تائين بند نه ڪيو ويو آھي هن چيو ته زيرو پوائنٽ ڀرسان لڳل ٻن گهارن کي عارضي طور بند ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڳوٺ صابو ٻرڙو سميت 3 هنڌن تي ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارن جو ڪم اڃان شروع ئي نه ٿي سگهيو آھي جنهن سبب برساتون پوڻ جي صورت ۾ وڏي نقصان جو خدشو آھي جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن ليٽر موڪلي صورتحال بابت ڄاڻ ڏيندي ڊرين کي لڳل گهارن جي بحالي وارو ڪم جلد ڪرائڻ لاءِ چيو آھي جڏھن ته سيڪريٽري ايريگيشن سنڌ کي به اهڙي آگاهي ڏني آھي جڏھن ته قمبر ضلعي مان چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي به ٻڌايو آھي ڊين کي لڳل گهارا بند ڪرائڻ لاءِ چيو آھي. ياد رهي ته 2022 جي برساتي ٻوڏ ۾ ايف پي بچاءَ بند ۽ ايم اين وي ڊرين کي گهار لڳڻ سبب نه رڳو قمبر ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي هئي پر برساتي ٻوڏ جي پاڻي دادو ضلعي کي به وڏو نقصان پهچايو هيو جيڪڏھن مون سون جون هن سال به گهڻيون برساتون پيون ته اڳ کان به وڌيڪ تباهي اچي سگهي ٿي.

Leave A Comment