شھدادپور ۾ تعويذ ڏيڻ بهاني ناري سان نازيبا حرڪت، جوابدار گرفتار، فحش وڊيوز هٿ
آگسٽ 27, 2024
شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ تعويذ ۽ ڦيڻو رکڻ بهاني ناري سان مبينا نازيبا حرڪت، ايف آءِ آر درج، جوابدار گرفتار، 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، جوابدار جي موبائل مان ڪيتريون ئي فحش وڊيوز هٿ، جي آءِ ٽي تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو، خبر موجب شھدادپور ۾ تعويذ ۽ ڦيڻو رکڻ بهاني جوابدار قاسم ڪلوئي مهراڻ ٽائون پاڙي واسڻ ناري صائمه زال علي رضا ڪلوئي کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، متاثر ناري ٿاڻي تي پهچي وئي، جنهن بعد پوليس سندس جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پوليس جي استدعا تي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدار کي حوالي ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب جوابدار جي ميڊيڪل چڪاس ڪرائڻ سان گڏ جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم ٺاهي جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ٻئي طرف جوابدار قاسم ڪلوئي جي ذاتي موبائل فون مان ڪيترين ئي عورتن جا فحش وڊيوز به هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن، ھوڏانهن متاثر خاندان مطالبو ڪيو ته وحشي صفت جوابدار کي ڦاهي چاڙهي معصوم نياڻين جون زندگيون بچايون وڃن، پوليس موجب معاملي جي شفاف جاچ ڪري متاثر نياڻي کي انصاف فراهم ڪيو ويندو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار چيئرٽي پريس ڪلب آرگائيزيشن رجسٽرڊ جو عهديدار پڻ آهي، فحش وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد شهرين ۾ تاءُ ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي.