سنڌ ۾ 100 يونٽ استعمال ڪندڙن 46 لک گهراڻن کي مفت بجلي ۽ سولر ڏيڻ جو فيصلو
جُولاءِ 30, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته بجلي جي مسلسل وڌندڙ بلن عوام ۾ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي، ماڻهو اهي بل ادا ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، سنڌ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو عوام کي بجلي اگهن کان ڇوٽڪارو ڏياري. توانائي جو شعبو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو، وفاق ئي بجلي جي اگهه ( ٽيرف) مقرر ڪري ٿو، بلاول ڀٽو هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار غريب عوام کي سولر پينل يا گهٽ ۾ گهٽ 100 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪري، وزيراعليٰ هائوس ۾ آف گرڊ ۽ آن گرڊ گهٽ آمدني وارن خاندانن کي سولرائزيشن لاءِ موثر تجويزون تيار ڪرڻ بابت اجلاس ۾ توانائي واري وزير ناصر شاهه بينظير سولر پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سروي موجب سنڌ ۾ گهٽ آمدني وارا 1976500 خاندان هر مهيني 100 يونٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، جن مان 1054000 ڪي اليڪٽرڪ، 566427 حيسڪو ۽ 356073 گهر سيپڪو جي حدن ۾ آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ 26 لک گهر گرڊ اسٽيشنن کان پري آهن. اهڙي بريفنگ بعد وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هيل 500,000 آف گرڊ گهرن کي 100واٽ جي گنجائش وارو سولر هوم سسٽم (SHS) فراهم ڪيو ويندو، جنهن ۾3 ايل اي ڊي بلب، هڪ پکو ۽ 6 ڪلاڪ بيٽري بيڪ اپ ۽ موبائل چارجنگ پينل شامل هوندا . صوبائي وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته جيڪڏهن وڏي پئماني تي خريداري ڪئي وئي ته سولر هوم سسٽم قيمت 55 هزار رپيا ٿي ويندي. هن مائيڪرو گرڊ اسٽيشنن بابت تجويز ڏيندي چيو ته ڊويزن سطح تي75 ڪلو واٽ جون 6 مائيڪرو گرڊ قائم ڪري 100 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي مهيا ڪري سگهجي ٿي هن چيو ته هر گرڊ تي 30 ملين رپيا لاڳت ايندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته گرڊ اسٽيشنن جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سکر ۾ گرڊ اسٽيشن لاءِ 300 ايڪڙ، حيدرآباد ۾ 230 ايڪڙ ۽ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ 270 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي. توانائي واري وزير 350 ميگاواٽ جي گنجائش وارن ٽن سولر پارڪن جي قيام جي به تجويز ڏني. اهي سولر پارڪ پي پي پي موڊ تحت قائم ڪري سگهجن ٿا.هوڏانهن زراعت کاتي بابت اجلاس ۾وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو ته ننڍن ۽ وچولن آبادگارن کي زرعي سامان، مشنري، ٽيوب ويل، سولر سسٽم، سمارٽ ايريگيشن سسٽم تي سبسڊي ڏني ويندي. آبادگار مجموعي لاڳت جو ٿورو حصو ادا ڪري زرعي سامان جا مالڪ بڻجي ويندا، زراعت کاتي بابت اجلاس ۾ وڏي وزير زراعت واري سيڪريٽري رفيق ٻرڙو کي هدايت ڪئي ته هو آبادگارن جي حوالي سان تفصيلي پروپوزل پيش ڪري ته جيئن کين بهتر انداز ۾ سامان فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏون، تيز برساتون ۽ گرمي پد ۾ واڌ سبب فصل پوکڻ کان وٺي لڻائي تائين زراعت متاثر ٿي رهي آهي. خريف ۾فصلن تي گرمي پد جي هاڪاري/ناڪاري اثرن جو اڀياس ڪرايو ويندو