سنڌ جي11581پرائمري استادن کي 17 ۽ 28951 کي گريڊ 16 ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو
آڪٽوبر 21, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي پاران هڪ لک 15 هزار 806 پرائمري استادن مان 10 سيڪڙو پرائمري استادن کي 17هين گريڊ ۾ چيف پرائمري ٽيچرز ۽ 25 سيڪڙو استادن کي 16هين گريڊ ۾ سينيئر پرائمري ٽيچرز طور اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ سمري تيار
تعليم کاتي جي اختيارين پاران سفارشي سمري منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي، ٽائيم اسڪيل تحت اپ گريڊيشن جي انتظار ۾ ويٺل پي ايس ٽيز مان ٽيچرز لائسنس حاصل ڪندڙ پرائمري استاد تڪڙا پروموشن حاصل ڪري سگھندا
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي تعليم کاتي استاد تنظيمن جي پراڻي مطالبي تي هڪ لک 15 هزار 806 پرائمري استادن مان 10 سيڪڙو يعني 11 هزار 581 پرائمري استادن کي گريڊ 17هين ۾ چيف پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ 25 سيڪڙو يعني 28 هزار 951 استادن کي گريڊ 16هين ۾ سينيئر پرائمري ٽيچرز طور اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي
تعليم واري وزير سردار شاھ جي هدايتن تي اها سفارشي سمري حتمي منظوري لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ڏانهن اماڻي وئي آهي. جنهن ۾ وڏي وزير کي سفارش ڪئي وئي آهي ته پرائمري ٽيچرز جي اپ گريڊيشن لاءِ سمري منظور ڪئي وڃي ته جيئن سينيئر استاد ٽائيم اسڪيل تحت اپ گريڊيشن حاصل ڪري سگھن
ذريعن موجب ٽائيم اسڪيل تحت اپ گريڊيشن جي انتظار ۾ ويٺل پرائمري ٽيچرز کان اڳ ٽيچرز لائسنس حاصل ڪندڙ استاد تڪڙيون ترقيون ماڻي سگھندا
قابل استاد کپن، تعليم کاتي جو ڪم روزگار ڏيڻ ناهي: سردارشاهه
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ ڪراچي ميٽرڪ بورڊ امتحان ۾ پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو آهي، هن پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد عبدالرافع جي اعليٰ تعليم جو مڪمل خرچ برداشت ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو ، دهلي اسڪول اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين جي مانُ ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 28 سالن بعد سرڪاري اسڪول جي شاگرد پاران پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ مثبت شروعات آهي، وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکندڙ شاگردن ثابت ڪيو آهي ته چئلنجن باوجود صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ آسائشن جو هجڻ ضروري ناهي.هن چيو ته ڪراچي جي شاگردن سندن والدين سان گڏ منھنجو به ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي جو مقصد روزگار فراهم ڪرڻ نه پر تعليم ڏيڻ آھي، اسان کي قابل استادن جي ضرورت آھي، استادن کي ايمانداري سان ٻارن کي پڙهائڻ گهرجي. هن چيو ته خوشي آهي ته چونڊيل نمائندن سرڪاري اسڪولن کي ھنج وٺڻ شروع ڪيو آهي، تقريب دوران سردارشاھ اعلان ڪيو ته ڪراچي ميٽرڪ بورڊ امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد حافظ عبدالرافع کي ٻه لک ، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ روميسه عمران کي ڏيڍ لک، ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ رُخسار سومرو کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويندو