سنڌ ۾ 29.67سيڪڙو آبادي بجلي، 51سيڪڙو گيس ۽ 36سيڪڙو پاڻي جي سهولت کان وانجهيل
جُولاءِ 31, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ ۾ سنڌ صوبي اندر اهم بنيادي سهولتن جي اڻهوند بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ رڳو 70.33 سيڪڙو آبادي کي بجلي جي سهولت فراهم ٿيل آھي جڏهن ته هن جديد دور ۾ به 29.67 سيڪڙو آبادي بجلي کان محروم آھي. 29.67 سيڪڙو آبادي مان 12.58 سيڪڙو آبادي سولر ، 2.07 سيڪڙو گاسليٽ،0.01 سيڪڙو گيس بتي، 0.03 سيڪڙو آبادي جنريٽر ۽ 14.99 سيڪڙو آبادي ٻيا وسيلا استعمال ڪري ٿي. رپورٽ موجب سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي 98 لک 62 هزار 870 گهراڻا آھن جن مان 69 لک 36 هزار 738 گهراڻن کي بجلي جي سهولت مليل آھي جڏهن ته بجلي کان محروم گهراڻن مان 12 لک 40 هزار 276 گهراڻا سولر استعمال ڪن ٿا ۽ 16 لک 85 هزار 856 گهراڻا لائيٽنگ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪن ٿا . سنڌ صوبي اندر بجلي کان محرم گهراڻن ۾ ڪراچي ڊويزن جي ڪل 34 لک 34 هزار 103 گهراڻن مان 33 لک 39 هزار 813 گهراڻن کي بجلي جي سهولت مليل آھي، 94 هزار 290 گهراڻا بجلي جي سهولت کان محروم آھن . حيدرآباد ڊويزن جي ڪل 22 لک 44 هزار 835 گهراڻن مان 13 لک 46 هزار 957 گهراڻن کي بجلي جي سهولت موجود آھي، 8 لک 97 هزار 878 گهراڻا بجلي جي سهولت کان محروم آھن . لاڙڪاڻي ڊويزن جي مجموعي طور تي 12 لک 7 هزار 855 گهراڻن مان 6 لک 82 هزار 372 گهراڻن کي بجلي جي سهولت حاصل آھي ۽ 5 لک 25 هزار 483 گهراڻا بجلي جي سهولت کان محروم آھن . ميرپورخاص ڊويزن جي ڪل 8 لک 63 هزار 132 گهراڻن مان 3 لک 38 هزار 914 گهراڻن کي بجلي جي سهولت ميسر آھي، اڌ کان وڌيڪ گهراڻا يعني 5 لک 24 هزار 218 گهراڻا بجلي جي سهولت کان وانجهيل ٻڌايا ويا آھن . شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ڪل 10 لک 61 هزار 61 گهراڻن مان 6 لک 55 هزار 259 گهراڻن کي بجلي جي سهولت مليل آھي پر شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 4 لک 5 هزار 802 گهراڻا بجلي جي سهولت کان محروم آھن ،سکر ڊويزن جي ڪل 10 لک 51 هزار 884 گهراڻن مان 5لک 73 هزار 423 گهراڻن کي بجلي جي سهولت موجود آھي جڏهن ته سکر ڊويزن جي لڳ ڀڳ اڌ گهراڻن يعني 4لک 78 هزار 461 گهراڻا بجلي جي بنيادي سهولت کان محروم ٻڌايا ويا آھن . اهڙي ريت سنڌ صوبي اندر گيس جي فراهمي 49.32 سيڪڙو گهراڻن کي ٿي رهي آھي جڏهن ته اڌ کان وڌيڪ يعني 51.68 سيڪڙو گهراڻا گيس جي فراهمي کان محروم آھن . سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ صوبي 44لک 18 هزار 445 گهراڻا يعني ڪل گهراڻن جو 44.80 سيڪڙو گهراڻا هن جديد دور ۾ به ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاءَ ڪن ٿا . 4.07 سيڪڙو يعني 4 لک 1 هزار 627 گهراڻا چوپائي مال جي ڇيڻن تي رڌ پچاءَ ڪن ٿا.0.17 سيڪڙو يعني 16 هزار 341 گهراڻا گاسليٽ ، 0.08 سيڪڙو يعني 8003 گهراڻا بجلي ، 0.19 سيڪڙو يعني 18 هزار 769 گهراڻا بايو گيس ۽ 1.38 سيڪڙو يعني 1 لک 35 هزار 704 گهراڻا ٻين ذريعن سان رڌ پچاءَ ڪن ٿا . ياد رهي ته پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ گيس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبو آھي جنهن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جي گيس سهولت کان محروم هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي . جڏهن ته سنڌ صوبي جي مجموعي طور تي 98 لک 62 هزار 870 گهراڻن مان 64 سيڪڙو يعني 62 لک 87 هزار 230 گهراڻن کي گهرن اندر پيئڻ جي پاڻي جي سهولت موجود آھي جڏهن ته سنڌ صوبي اندر 36 سيڪڙو يعني 35 لک 75 هزار 640 گهراڻا گهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان وانجهيل آھن سنڌ صوبي اندر رڳو 45.78 سيڪڙو گهراڻن يعني 45 لک 15 هزار 277 گهراڻن کي واٽر سپلاءِ جي پاڻي ( ٽيپ واٽر) جي سهولت موجود آھي . 34.14 سيڪڙو يعني 33 لک 66 هزار 721 گهراڻا موٽر پمپ جو پاڻي واپرائن ٿا ، 3.55 سيڪڙو يعني 3لک 50 هزار 219 گهراڻا هن دور ۾ به کوهن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا ، 2.97 سيڪڙو يعني 2 لک 93 هزار 399 گهراڻا فلٽريشن پلانٽ جو پاڻي استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته 3.77 سيڪڙو يعني 3 لک 71 هزار 449 گهراڻا بوتل جو پاڻي (منرل واٽر) استعمال ڪن ٿا جڏهن ته 9.79 سيڪڙو يعني 9 لک 65 هزار 805 گهراڻا مختلف ذريعن سان پاڻي حاصل ڪري واپرائن ٿا.