سنڌ ۾درگاهن تي زائرين کان تلاشي وٺڻ لاءِ 4 مهينن ۾ 140 سرچرز ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف

سيپٽمبر 25, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي جي اختيارين پاران درگاهن تي زائرين کان تلاشي وٺڻ لاءِ 4 مهينن ۾ 140 سرچر ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف، عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪيل 140 سرچرز کي مجموعي طور تي ماهوار 21 لک پگھار جي مد ۾ ڏنا ويندا، سرچر جي ڀرتي لاءِ اعليٰ اختيارين کان منظوري وٺڻ بجاءِ کين 89 ڏينهن جي عارضي مُدي لاءِ ڀرتي ڪيو ويو. حيدرآباد جي درگاھ عبدالوهاب شاھ، جامع مسجد صدر حيدرآباد سميت، ڀٽ شاھ ۽ ٻين درگاهن لاءِ سرچر طور ڀرتي ڪيل ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اوقاف کاتي ۾ انڌر نگري جو هڪ نئون اسڪينڊل ظاهر ٿي ويو آهي، اوقاف کاتي جي ماتحت ايندڙ درگاهن ۽ مسجدن توڙي ٻين هنڌن تي زائرين کان تلاشي وٺي کين اندر ڇڏڻ ۽ درگاهن اندر نظر رکڻ لاءِ وڏي پئماني تي سرچر ڀرتي ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته اوقاف کاتي جي اختيارين پاران جون 2024ع کان وٺي رڳو 4 مهينن جي مُدي دوران مختلف ڏينهن تي 89 ڏينهن جي عارضي بنياد واري ڪانٽريڪٽ تي 140 سرچر ڀرتي ڪيا ويا آهن. جن جا ڀرتي وارا آرڊر به جاري ڪيا ويا آهن ۽ کين مختلف درگاهن ۽ مسجدن اندر مقرري ڪئي وئي، جاري ڪيل آرڊرن ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته سرچر جي ماهوار 15 هزار روپيا پگھار ادا ڪئي ويندي. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي هٿ آيل آرڊر موجب ته محمد اشرف، صحبت علي قاضي، جاويد ڀٽي، حنيف ڀٽي، وحيد مراد، سجاد علي ۽ ٻين کي ڀرتي ڪري کين مختلف درگاهن درگاھ مڪي شاھ حيدرآباد، درگاھ گُل شاھ بخاري، درگاھ سرفراز خان ڪلهوڙو سميت ٻين درگاهن ۽ مسجدن ۾ کين مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪيل سرچرز کي سفارشن جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترائي سرچر طور ڀرتي ٿيل ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻي رهيا آهن. جڏهن ته 140 سرچرز کي اوقاف کاتي پاران ماهوار مجموعي طور تي 21 لک روپيا پگھارن جي مد ۾ ادائگي پڻ ڪئي ويندي

سکر جي درگاهه صدرالدين شاهه تي نذراني جا رڳو 3 لک رپيا ظاهر

ڪراچي: سکر جي درگاھ صدرالدين شاھ جي چادر چاڙهڻ دوران نذراني واري جمع ڪيل رقم جا رڳو 3 لک 15 هزار ظاهر ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 12 ربيع الاول کان اڳ اوقاف کاتي جي اختيارين پاران سکر جي درگاھ صدرالدين شاھ جي قبر جي ڀر واري پيتي ۽ قبر جي پَڙ هيٺيان پيل پيل رقم 70 ڏينهن کان پوءِ کنئي وئي، جنهن مان رڳو 70 ڏينهن جي آمدني 3 لک 15 هزار روپيا ظاهر ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اوقاف کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدرالدين شاھ راشدي تي پَڙ چاڙهڻ وياسين ان ڪري اها رقم ڳڻپ ڪري کنئي وئي جيڪا ڪُل 3 لک 15 هزار روپيا ٿي

اوقاف کاتي ۾ 2 سال اڳ رٽائرڊ ٿيل ملازم جي نوڪري اڃا هلندڙ

ڪراچي: اوقاف کاتي ۾ مبينا طور تي 2 سال اڳ رٽائرڊ ٿيل ملازم جي نوڪري اڃا هلندڙ! ملازم جي ڊگري ۽ سروس بوڪ سميت ٻين ڪاغذن جي پڙتال شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اوقاف کاتي ۾ گريڊ هڪ جو ملازم محمد اسماعيل پنهور 20 مهينا اڳ پنهنجي سروس جو مُدو مڪمل ڪري چُڪو آهي پر اڃا تائين اوقاف کاتي ۾ سندس نوڪري هلندڙ آهي، جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ اوقاف کاتي جي اختيارين پاران کيس 7 گريڊ ۾ جونيئر ڪلارڪ جي عهدي تي ترقي به ڏني وئي هئي، جيڪا رد به ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اوقاف کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ملازم جي ميٽرڪ واري ڊگري ۾ پيدائش واري تاريخ پهرين فيبروري 1963 لکيل آهي، جڏهن ته سروس بوڪ ۾ ڄم واري تاريخ تبديل آهي، اختيارين موجب ته معاملي جي جاچ هلندڙ آهي. جاچ مڪمل هجڻ بعد سندس سروس بابت فيصلو ڪيو ويندو

Leave A Comment