سنڌ ۾ منشيات آن لائين وڪرو ٿي رهي آهي: صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو
مَي 27, 2024
سنڌ ۾ منشيات آن لائين وڪرو ٿي رهي آهي، تعليمي ادارن ۾ شاگرد هڪ ٻئي جون پارٽيون ڪري نشو واپرائين ٿا، اهو سوچڻو پوندو ته منشيات ڪٿان پئي اچي؟: صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو سنڌ اسيمبلي ۾ منشيات جي واهپي خلاف پيش ٿيل ٺهراءَ تي بحث دوران اظهار، عذرا پيچوهو چيو ته منشيات کان بچاءَ لاءِ تعليمي ادارن ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي، ڪجهه اهڙا ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ منشيات جي عادي ٻارن پنهنجي والدين کي قتل ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جي انيل ڪمار رتناڻي چيو ته شراب جي لائسنس کي منهنجي مذهب مان خارج ڪيو وڃي، هندن جي نالي تي شراب جا لائسنس جاري نه ڪيا وڃن، اقليتن جي نالي تي منشيات جا لائسنس جاري پيا ٿين، 90 سيڪڙو منشيات مسلم برادري استعمال ڪري رهي آهي، ندا کهڙو پاران آئيس ۽ ٻي منشيات جي واهپي خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ميمبرز پاران بحث ڪيو ويو