سنڌ ۾ ٽن مهينن دوران 40 ٻارڙن سان جنسي زيادتي جو انڪشاف
جُولاءِ 20, 2024
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽن مهينن دوران سنڌ ۾ 40 ٻارڙن سان جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ 25 ننڍي عمر جون نينگريون به شامل هيون
اهڙو انڪشاف هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر پاران ٻارڙن سان جنسي زيادتي ۽ قتل جي وڌندڙ ڪيسز بابت موبلائيزيشن واري گڏجاڻي ۾ ٿيو
گڏجاڻي ۾ ايچ آر سي پي جي ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين ٻڌايو ته گڏجاڻي جو مقصد سول سوسائٽي، انساني حقن جي تحفظ، لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي رضاڪارن، وڪيلن ۽ صحافين کي ٻارڙن جي جنسي واقعن بابت آگاهي ڏئي ڪردار ادا ڪرائڻ آهي
هن چيو ته ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي ڪيسن بابت آگاهي، قانوني معاونت ۽ تحفظ سميت ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي جنهن سان اهي واقعا رڪجي سگهن
وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت چيو ته ٻارن سان جنسي واقعن کي روڪڻ لاءِ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن سميت اسڪولن ۾ به آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جي اڳواڻ ڪاشف بجير تجويز ڏني ته قومي ۽ صوبائي ڪميشنز، سوشل سيڪيورٽي، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اهي ادارا عملي طور ڪو به ڪم نه پيا ڪن
هن چيو ته 2023ع ۾ به 4 هزار کان وڌيڪ اهڙا ڪيس سامهون آيا ۽ هن سال به اهڙا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته پوليس ٻارن جي ڪيسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن ضلعي سطح تي آفيسر هيلپ ڊيسڪ ۽ شهرين جي معاونت ڪن ته ڪيسن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سوشل سيڪيورٽي جهڙا ادارا جيڪڏهن ڪم ڪن ته ساليانو بجيٽ ليپس نه ٿئي ها.