سنڌ ۾ سج سوا نيزي تي لهي آيو: ڪراچي، ٺٽي ۽ ڀريا ۾ 9 فوت: 150 ڍور مري ويا

جُون 25, 2024

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ م سج سوا نيزي تي لهي آيو، ڪراچي، ٺٽي ۽ ڀريا ۾ وڌيڪ 9 فوت: 150 ڍور مري ويا، ان ڏس ۾  ڪراچي ۾ پارو 41 ڊگرين تي پهچي ويو، جڏهن ته 75 سيڪڙو گهم  سبب گرمي 52 ڊگري محسوس ٿي رهي هئي، موسميات کاتي موجب گرمي جي لهر اڄ ۽ سڀاڻي جاري رهندي، ڪالهه گرمي وگهي وڌيڪ 7 موالي فوت ٿي ويا، جنهن بعد انگ وڌي 17 ٿي ويو، جڏهن ته ملير ضلعي ۾ مينهن، ڍڳين، گابن سميت   150 ڍور  مري ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن لڪي اسٽار، جامعه ڪلاٿ، پراڻي گوليمار، نيو ڪراچي، فقيرا ڳوٺ، گلستان جوهر، ۽ لانڍي مان نشي جي عادين ( موالين) جا  وڌيڪ 7 لاش هٿ آيا. جنهن بعد انگ وڌي 17 ٿي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب هٿ آيل سمورا لاش نشي جي عادي ماڻهن جا آهن. هوڏانهن ملير جي مختلف علائقن ڀينس ڪالوني، گڏاپ، پپري ۽ سپر هاءِ وي سميت مختلف هنڌن تي سخت گرمي سبب 150 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو، جنهن ۾ اڪثريت ڳائي مال جي آهي. ان سلسلي ۾ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شبير ڊار ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته سخت گرمي سبب چوپائي مال مرڻ شروع ٿيو آهي هن وقت تائين 150 سئو کان وڌيڪ ڍور مري چڪا آهن، هن چيو ته ڳائو مال مرڻ جي شرح وڌيڪ آهي هن چيو ته ڳائي مال تي گرمي جو وڌيڪ اثر ٿئي ٿو،  مال جا ڦڦڙ  متاثر ٿين ٿا، هن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جانورن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا، هن چيو ته جانورن جي وڏي انگ ۾ مرڻ سبب ڪراچي ۾ کير جي پيداوار  ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت چوپائي مال جي بچاءَ لاءِ اپاءُ وٺي ويڪسين جو سلسلو شروع ڪرائي ٻئي طرف ڀرياسٽي جي مين چوڪ تي گرمي جي سٽ نه سھندي ڳوٺ ڪوٽ بھادر واسي پيرسن سيد عنايت شاھ وچ روڊ تي ڪري پيو، شھرين  کيس کڻائي ڀريااسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف ٺٽي ۾ ڳوٺ بکر ماڇي جي رھواسي پورھيت تاج محمد ماڇي جو پٽ رجب علي ماڇي سخت گرمي  وگهي فوت ٿي ويو.  ٻئي طرف ايڌي فائونڊيش جي سربراهه فيصل ايڌي موجب ڪراچي ۾ ايڌي جي 3سرد خانن ۾ 3 ڏينهن ۾ 300 لاش آندا ويا، جڏهن ته 5 ڏينهن دوران 423 لاش غسل ۽ ڪفن لاءِ آندا ويا، عام ڏينهن جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي لاش آندا ويا، اڪثر ميتن سان وارث گڏ هئا، نامعلوم لاشن جو انگ گهٽ آهي.

Leave A Comment