سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به برسات، ڳڙهي ياسين ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت، مواصلاتي نظام درهم برهم

اپريل 15, 2024

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات پئي، ڳڙهي ياسين ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب گهر کي به نقصان پهتو. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ ڪري ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، جنهن سبب گاڏيون ڦاسي ويون، ناظم آباد ۾ 21.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي جڏهن ته ملير هالٽ، نارٿ ڪراچي، ناگن چورنگي، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، سولجر بازار، ڪلفٽن، ايئرپورٽ، ماڙيپور روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري رھيو، جنھن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهي رهيو، ٻئي طرف  نيا ناظم آباد ۾ گھر مٿان وڄ ڪرڻ سبب ڇت ۽ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا، ان ڏس ۾ گهر ڌڻي  دعويٰ ڪئي آهي ته سندس گهر مٿان وڄ ڪرڻ سبب گهر جي ڇت، ڀتين  ۽ بجليءَ جي تارن کي نقصان پهتو آهي، خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو،ٻئي طرف چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته موجوده سسٽم جي اثر هيٺ گجگوڙ جاري آهي، وڄ (آسماني بجلي) ڪرڻ جا واقعا ٿي سگهن ٿا، شهرين کي احتياط ڪرڻ گهرجي. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي، مختلف علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، جنهن ڪري ڊرينيج نيٽ ورڪ سخت متاثر ٿيو. حيسڪو مطابق شهر جا 400 فيڊر سيفٽي جي بنياد تي بند ڪيا ويا. حيسڪو ريجن جي 618 فيڊرن مان 122 فيڊر بند رهيا. شهر   ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. خيرپور ۾ ڀرپاسي برسات پئي، جنهن بعد روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ مصري واھڻ جو رھواسي نوجوان ذوالفقار جکرو ڳوٺ ٻاھران کجي باغ جي وٽ پنھنجي زمين ۾ ٿريشر ھڻائي رھيو ھو ته تيز ھوا سان گڏ برسات شروع ٿي وئي، ان موقعي تي نوجوان ذوالفقار جکرو مٿان وڄ ڪرڻ سبب نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ذوالفقار جکرو موبائل فون تي ڳالھائي رھيو ھو ته مٿس آسماجي بجلي ڪري پئي ۽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو نوجوان لاش گھر پھچڻ سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. راضيديرو، اڳڙا، مهتاڻي، ستابو، دلاور کهڙو، بنگالو، صوبدار لاشاري سميت ٻين هنڌن تي برسات پئي،بدين ضلعي ۾ جي مختلف شهرن گولاڙچي، تلھار، ٽنڊو باگو، پنگريو، ڪڙيو گھنور، ڪڍڻم، سيراڻي، ٻھڊمي، لواري شريف، نندو، کوسڪي، شادي لارج سميت ساحلي پٽي جي ڳوٺن ڀڳڙا ميمڻ، حاجي حجام شيخ، ڪرھيو ڀانڊاري، زيرو پوائنٽ، ساجن شيخ ۽ ٻين علائقن ۾ ھلڪي برسات سڄو ڏينهن جاري رهي، ڏيئي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڏاڏا نوتڪاڻي موڙ، کڏهرو شهر ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، نئون دمبالو ۽ آس پاس وارن علائقن  ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي. ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي واري علائقن سمن سرڪار، خيرپور،گنبوهه پتافي، ٽيل مهراب چانڊيو، حيات خاصخيلي، سانگي فراهو ۽ ٻين هنڌن تي برسات پئي. ٺٽو ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي، برسات سبب هيٺان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،   ٽنڊومحمدخان ۽ ڀرپاسي  وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو.  ٽنڊو غلام حيدر ۾ وقفي وقفي سان هلڪي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي مسوڀرڳڙي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ، قصبو سميت ڪاڇي ۾ به  ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي ، ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو وسڪارو جاري، موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي فصل کي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. ٽنڊو آدم ۽ آسپاس وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو پيو،

Leave A Comment