ٺٽي ضلعي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب 50 آر او پلانٽ بند، رهواسي پئسن تي پاڻي خريدڻ لڳا

جُون 8, 2024

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ضلعي ۾ سخت گرمين ۽ پاڻي جي سنگين بحران هئڻ باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي جي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب ضلعي جي 4 تعلقن جي شهري توڙي ڳوٺاڻي آبادين ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت سان لڳايل 62 آر او پلانٽس مان 50 کان مٿي آر او پلانٽ جي بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي 4 تعلقن ٺٽو ، ميرپورساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي شهري توڙي ڳوٺاڻي آبادين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي پوري ڪراڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي ماليت سان پبلڪ هيلٿ کاتي جي 56 ۽ فشريز کاتي جي 6 آر او پلانٽس ميت 62 آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن معلوم ٿيو آهي ته گذريل ڪيتري عرصي کان ضلعي جي ڄاڻايل تعلقن خاص ڪري ٺٽي تعلقي جي ڪوهستاني يوسيز صوف شورو ، ڄنگھڙي ، جھمپير ، جنگشاهي ،. ست ڀاڱي 4 ، اونگر ۾ 20 کان مٿي آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن معلوم ٿيو آهي ته ڪوهستانين يونين ڪائونسلن جي ڳوٺن ، ڳوٺ سليمان شورو ، لوڻي ڪوٽ ، محمد بخش شورو ، حاجي علي محمد شورو ، ابراهيم شورو ، گودڙ جاکرو ، رمضان دل ، ڄنگھڙي ، مالماڙي ، سليمان بروهي ، صالح محمد برفت ، حاجي عثمان بروهي ، ونيل پالاري ، علي محمد جوکيو ، منگر خان پليجو ، محمد يوسف جوکيو ، ڳوٺ سبز علي بروهي ، سائينداد شورو ، ٻاڙي مڪان ، ٺٽي شهر جي ڀائي ڪالوني ، مڪلي جي ناريجا ڳوٺ ، حنيف خشڪ ڳوٺ ۽ درگاهه عبدالله شاهه اصحابي توڙي ضلعي جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ سميت ٻين آباد وسندين ۾ لڳل 50 کان مٿي آر پلانٽ بند ٿي ويا آهن جڏهن ته آر او پلانٽس جي بند ٿيڻ ڪري هتان جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿيڻ ڪري ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 5 پيوريفڪيش پلانٽس پڻ لڳايا ويا آهن جيڪي پڻ ڪيتري عرصي کان خراب آهن انهن جي ڪا به مرمت وغيره ناهي ڪرائي وئي آهي هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ٺٽي جي 62 آر او پلانٽس مان 50 کان مٿي آر او پلانٽ جي بند هجڻ ڪري نه رڳو پاڻي واپرائيندڙ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان مڪمل طور تي محروم ٿي وئي آهي پر بند پيل آر او پلانٽ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري پڻ آر او پلانٽ جي وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري حڪومتي ڪروڙين رپين جي ضايع ٿيڻ جو پڻ واصع امڪان پيدا ٿي ويو.

ٺٽي ضلعي ۾ 48آر او پلانٽ هلندڙ آهن: ايگزيڪيوٽو انجنيئر

ٺٽو: پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ساجد ملاح پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ 56 آر او پلانٽس ۽ 6 پيوريفيڪشن پلانٽ سميت 62 آر او پلانٽ شهري توڙي ڳوٺاڻي ۽ ڪوهستاني وسندين ۾ لڳائي رهواسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ڏني وئي آهي، هن دعويٰ ڪندي چيو ته ٺٽي ۾ 48 آر او پلانٽ هلندڙ آهن ۽ انهن وسيلي هتان جي علائقي واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ڏني پئي وڃي، 14 آر او پلانٽ خراب نه پر علائقي جي جر جي پاڻي ۾ ٻاڙائڻ وڌڻ ڪري بند آهن، هن به چيو ته ضلعي جي سمورن آر او پلانٽ تي مقرر آپريٽر عملي کي پڻ پگھارون ڏنيون پيون وڃن.

ڪوهستان ۾ 20 کان مٿي آر او پلانٽس بند آهن: رهواسي

ٺٽو: ڪوهستان واسين جھمپير يونين ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين غلام رسول شورو، عمران خان ڪوهستاني، ابوبڪر پالاري ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي وارن جي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب سموري ڪوهستاني پٽي ۾ لڳايل 20 کان مٿي آر او پلانٽس جي بند ٿيڻ ڪري ڪوهستان واسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن، هنن چيو ته ڪوهستان جو جر پڻ کارو ٿي ويو آهي ۽ جر جي کاري ٿيڻ ڪري رهواسي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته لاڳاپيل کاتي کي آر او پلانٽ جي بند ٿيڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي پر کاتي پاران هن مهل تائين بند پيل آر او پلانٽس جي مرمت ڪرائي انهن کي چالو ڪري پاڻي جي سهولت مهيا ڪري ناهي ڏني، هنن مطالبو ڪيو ته آر او پلانٽ چالو ڪرائي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي .

Leave A Comment