ميهڙ ۾ ٻوڙان ٻوڙ، تعلقي جو ڪچو ٻڏي ويو، زمينداري بند ٽٽي پيا

آگسٽ 29, 2024

ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد تعلقي ميھڙ جو ڪچو ٻڏي ويو، تعلقي جي ڪچي جون چار يونين ڪائونسلون نئون ڳوٺ ، يونين ڪائونسل مگسي، يونين مريد لاکير ، يونين ڪائونسل شاهه پنجو سلطان جا 60 کان وڌيڪ ڳوٺ درياهه پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، پاڻي ڪچي جي بچاءُ وارو ايل ايس بند سان به ٽڪرائجي ويو آھي، ڪچي جي يونين ڪائونسل مريد لاکير جا ڳوٺ بشير چانڊيو ، واحد بخش چانڊيو ، ڀنڊ ماڙي ، شيعا چانڊيا ، غلام قادر چانڊيو ، شفيع محمد چانڊيو ، گلاب چانڊيو پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن، ڪچي جي مختلف ھنڌن تي ڏنل زمينداري بند به ٽٽي پيا، درياهي پاڻي آبادگارن جا فصل به لوڙهي ڇڏيا آهن، ڪچي جي مشھور درگاهه مخدوم سخي سعيدي موساڻي جي ڀر وارن پاڙن ۾ به  درياهه جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، درگاهه صدرالدين ۽ يونين ڪائونسل آفيس، بنيادي صحت مرڪز به ۾ پاڻي آهي، ڪيترائي رهواسي لڏپلاڻ کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن، علائقي واسين موجب سندن علائقن ۾ مسلسل پاڻي بيهڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، سندن وٽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سرڪار طرفان ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي، بي يارو مددگار بڻيل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي

جهڏي ۾ 20 ڪلاڪن تائين برسات، شهر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، فصلن کي نقصان

جهڏو (ن پ ا) جهڏي ۾ 20 ڪلاڪن تائين مسلسل برسات تباهي مچائي ڇڏي، روشن آباد، آهوري ،سلور موري، ڏاجھيرو ۽ ٻيا هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل مرچ، ڦٽي، بصر ۽ ٽماٽي جي فصل کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، 18ڪلاڪ کان بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، شهر جي هاشم ڪالوني عاشق ڪالوني، صغير ڪالوني، عابد ڪالوني ۽ غلام حسين ڪالوني سميت شهر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.

ڏيئي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب واهه ٽٽڻ جو خطرو

ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به طوفاني برسات جو سلسلو وقفي وقفي جاري رهيو، برسات سبب شهر پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته سم ناليون اوور ٽاپ ٿيڻ سبب رهواسين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته رهواسين موجب، ٻن ڏينهن کان بجلي فراهمي معطل آهي، انتظاميا ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، واهر ڪئي وڃي.

صحت کاتي پاران برساتن بعد وبائي بيماريون پکڙجڻ جو خدشو ظاهر

ٺٽو (رپورٽر) ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ ويڪٽر برن ڊيزيز (وي بي ڊي)  ڊاڪٽر مشتاق احمد شاھه ٺٽي پھچي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي صحت کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن، مرف ۽ اين آر ايس پي جي ٽيمن سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي هن گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته برساتن سبب وبائي بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آھي، خاص طور تي مليريا، ڊينگي ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جي لاءِ وڌيڪ ڪم کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان موقعي تي ڊي ايچ او سجاول محمد حنيف ميمڻ، ڊسٽرڪٽ مليريا فوڪل پرسن ٺٽو ڊاڪٽر بخت شاھه ۽ ٻيا موجود ھئا.

طوفاني هوا سان گڏ برسات، ٽنڊي محمد خان ۾ ايمرجنسي لاڳو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ طوفاني هوائن سان تيز برسات سبب   13 گهر ڊهي پوڻ، زال مڙس جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير جي فوڪل پرسن خاص معاون سيد قاسم نويد ضلعي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،سنڌ جي وڏي وزير پاران برساتن بابت ضلعي ٽنڊو محمد خان لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن خاص معاون ضلعي چيئرمين سيد قاسم نويد برساتي علائقن جو دورو ڪري علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي، ٻن ٽائون ڪاميٽين ، 28 يونين ڪائونسلن ۾ برسات جي متاثر علائقن جي سروي ڪرڻ ، گهر ڊهي پوڻ ۽ زبون حالت جي شڪار دوران ٿيل زخمين جي مڪمل رپورٽ ڏيڻ لاءِ روينيو عملدارن کي پابند ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ فوري طور برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري جو استعمال ڪرڻ ۽ هيوي پائپ لائينون لڳائي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

اڏيرولال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب 48 ڪلاڪ بجلي بند

اڏيرولال وليج (ن پ ا)   اڏيرو لال، کيبر پليجاڻي،  اڏيرو لال اسٽيشن  ڀائو خان، فاضلاڻي، حسين ھنڱورو، نوبت مري، شير محمد ٺوڙها ۾ تيز برسات سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ درھم برهم ٿي ويو، گذريل 48 ڪلاڪن کان بجلي پڻ  بند آهي.

ماتلي شهر ۽ ڀرپاسي 24ڪلاڪن تائين مسلسل برسات

ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24ڪلاڪن تائين مسلسل برسات سبب شھر جا ھيٺائين وارا پاڻي ھيٺ اچي ويا، روڊ رستا ٻڏي وڃڻ سبب ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو، رهواسين اپيل ڪئي آهي ته پاڻي نيڪال ڪري واهر ڪئي وڃي.

کورواھه ۾ ٻن ڏينھن کان طوفاني برسات، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ

کورواھه (ن پ ا) کورواھه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينھن کان ھلندڙ تيز طوفاني برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ڪنڀار محلا، غلام شاھ قبرستان سميت روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، مسلسل ٻن ڏينهن تائين برسات سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، ٻي پاسي آبادگارن پاران سارين جي تيار فصل ڀينڊي،مرچ ۽ ٻين فصلن لکين روپين جي نقصان جو انديشو ظاھر ڪيو ويو آهي، رين امرجنسي لاڳو ھجڻ باوجود ڪو به سرڪاري ڪامورو نظر نه آيو.

جاتي سميت ساحلي پٽي ۾ ٽن ڏينهن جي برسات علائقا ٻوڙي ڇڏيا

جاتي (ن پ ا) جاتي شهر سميت ساحلي پٽي ۾ ٽئين ڏينهن به تيز هوا سان گڏ مسلسل برسات جاري رهي، شهر جا هيٺيائن وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪوڪڙي محلا، سميجو محلا، جيئي ڀياڻي ٽائون، ميربحر محلا، عيدگاهه محلا سميت ڳوٺن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ٻئي پاسي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي مختلف يونين ڪائونسلن جو دورو ڪندي انتظاميا کي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي فوري طور ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جاتي ۽ شاهبندر تعلقن ۾ رين ايمرجنسي کي ڏسندي ٻنهي شهرن جي اسڪولن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ متاثرن کي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو.

ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻي بيٺل، گهر ڊهڻ سبب زال مڙس زخمي

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي ٽن ڏينهن کان مسلسل وسڪارن سبب علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، ڪيترائي ڪچا پڪا گهر زبون حالت جو شڪار ٿي ويا آهن، گهر ڊهڻ جي ڪري زال مڙس شريمتي لالي ۽ سندس مڙس لکمڻ ڪولهي زخمي ٿي پيا، جن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  تيز طوفان هوائن سبب ڪيترن ئي دڪانن ۽ هوٽلن جا ڇپڙا ڊهي پيا آهن.

ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي ۾ روڊ رستا ٻڏي ويا

ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به وقفي وقفي تيز ھوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو، شھر جا هيٺائين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، جڏهن ته يونين ڪائونسل عبدالله شاھه، يونين ڪائونسل مٺو خان ٻھڊمي، چاڪر پنهور جا شهر سان زميني رابطا ڪٽجي ويا.

گھوڙاٻاري ۽ ور شھر سميت ٻين علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به وسڪارو

گھوڙاٻاري (ن پ ا) گھوڙاٻاري، ور شھر، پير پٺو، سانول پور، جاڙا دالي، 103موري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٽئين ڏينھن به طوفاني برسات جو وسڪار وقفي وقفي سان جاري رهيو، طوفاني برسات سبب ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي .

ميرپورخاص شهر کي مسلسل 16 ڪلاڪن جي برسات ٻوڙي ڇڏيو، روڊ رستا تلاءَ بڻجي ويا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ 16ڪلاڪن تائين مسلسل تيز هوا وسڪارو جاري رهيو، شهر جا مختلف رهائشي ۽ ڪاروباري مرڪز پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته برسات جي وسڪاري سبب فصلن کي سخت نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، تفصيل موجب، 16ڪلاڪن تائين مسلسل برسات سبب ميرپورخاص شهر جا رهائشي ۽ ڪاروباري مرڪز  پاڻي هيٺ اچي ويا ، گٽر اٿلڻ سبب جا روڊ رستا ڍنڍن ۽ تلائن جا ڏيک ڏيڻ لڳا،شهر جي مختلف رهائشي علائقا پاڪ ڪالوني، سيال ڪالوني، هيرآباد، غريب آباد، عمران ٽائون، سبزي منڊي، حميد پوره ڪالوني، راڄڙ ڪالوني، سيٽ لائيٽ ٽائون سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪاروباري علائقن چاندني چوڪ، پوسٽ آفيس چوڪ، مارڪيٽ چوڪ، بلديا شاپنگ سينٽر، جرواري چوڪ، اسٽيشن چوڪ سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پيو، جڏهن ته رين ايمرجنسي باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ذريعن موجب مختلف هنڌن تان قدرتي پاڻي جي لنگهن کي بند ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر عبدالرئوف غوري ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي کان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مدد گهري هئي جن هڪ هيوي مشين ڏني آهي، هنن ٻڌايو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد پاڻي ڪڍيو وڃي، ملازم 24 ڪلاڪن کان ڪم ڪري رهيا آهن.

وارهه ۾ ڀاڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي چوري، واپارين جو احتجاج

وارهه (ن پ ا) وارهه جي مصروف بازار کنڊو چوڪ ڀرسان زراعت جي دڪاندار محمد ابراهيم بروهي جي دڪان جا رات دير سان  چور تالا ٽوڙي لکين رپين جي ماليت جو ڪارو ڀاڻ چوري ڪري فرار ٿي ويا، چوري واقعي خلاف فرٽلائيزر يونين طرفان ابراهيم بروهي، حڪيم ٻگهيو، ضمير سومرو، اصغر بروهي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾  وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ  اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ڏوهارين جي ور چڙهيل آھي حد جي  پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي واپاري جو چوري ٿيل ڀاڻ واپس ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

ميرپور ساڪرو، ٻھارا ۽ غلام الله برسات سبب پاڻي هيٺ

ميرپورساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري، ٻھارا، غلام الله، ليٽ اسٽاپ، لڌيا اسٽاپ، سومار ھوٽل، ٽاڪاڻي اسٽاپ ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ٽئين ڏينهن به وقفي  وقفي  سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، ٻھارا شھر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي بيھي ويو، ساڪرو جي ريحان آباد ڪالوني، ڪچي آباد، ميربحر محلا، گلشن ملت ۽ ٻين ڪالونين ۾ ٽي فوٽ تائين پاڻي بيھجي ويو، جڏهن ته مسلسل برسات سبب سارين جي فصل کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

بڊاڻي ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي سامان ٻهاري ويا

بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي شھر  ۾ ڪوري پوليس پڪٽ وٽ چور عابد علي ڀٽو جي دڪان جا تالا ٽوڙي  2 ڪٽا کنڊ، 20 ڪلو چانهه، 60 عدد ڪوپ، 3 عدد ٿرماس ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان موقعي تي متاثر محمد علي ڀٽو ٻڌايو ته رات ديرسان چورن دڪان جا تالا توڙي رکيل سامان ٻهاري ويا آھن، هن ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ حد جي ايس ايچ او کي اپيل ڪئي ته ڪاروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

قمبر ۾ چور ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي سامان ٻهاري ويا

قمبر (رپورٽر)  قمبر  شهر  جي مستوئي محلي ۾ نامعلوم چور ياسر تنيو جي ڪرياني جي دڪان جا تالا ڀڃي دڪان ۾ پيل سامان، روڪ رقم، 2 موبائل فون  چوري ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع پوليس کي به ڏنو ويو، متاثر دڪاندار جو چوڻ هيو ته پاڙي ۾ ڪرياني جو ننڍو دڪان کولي روزگار ڪندو هيس، ظالم دڪان جا تالا ڀڃي سمورو سامان کڻي ويا، انصاف ڪيو  وڃي.

وڳڻ ۾ نئين ايس ايچ او کي چورن جي سلامي، دڪان مان چوري

وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۾ گذريل رات چورن وارھ روڊ تي قائم شھري سردار جاگيراڻي جي گيريج دڪان جا تالا ٽوڙي سامان سميت 25 ھزار رپيا رقم کڻي فرار ٿي ويا، اھڙي واقعي بعد متاثر دڪاندار وڳڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏئي ڪيس داخل ڪرايو.

Leave A Comment