سمنڊ ۾ چاڙهه، سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ گهٽ، ڪچو پاڻي هيٺ، متاثر بندن تي بي يارومددگار ويٺل

سيپٽمبر 2, 2024

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ جي وڌندڙ وهڪري جي سمنڊ ۾ ڇوڙ جي متاثر ٿيڻ ڪري سنڌوءَ جي وهڪري ٺٽي جي وسيع ڪچي واري علائقي کي پاڻي هيٺ آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته گذريل 36 ڪلاڪن کان ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائڻ پاسي کي سنڌو درياءَ ۾ 3 لک 35 هزار 618 ڪيوسڪ واري وهڪري جي سمنڊ طرف وڃڻ باوجود سمنڊ ۾ چاڙھ هجڻ ڪري سنڌوءَ جو ڇوڙ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، آبپاشي کاتي يجي ذريعن جو چوڻ آهي ته تازين برساتن جي جاري رهڻ توڙي سمنڊ ۾ چاڙھه هجڻ ڪري گذريل 2 ڏينهن کان سمنڊ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ گھٽ ٿي رهيو آهي جنهنڪري سنڌوءَ جو وهڪرو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي پوئتي ڌڪجي ٺٽي جي وسيع ڪچي واري علائقي کي پاڻي هيٺ آڻي رهيو آهي، ذريعن موجب، سنڌوءَ جو 3 لک 35 هزار 618 ڪيوسڪ پاڻي سنڌوءَ جي وسيع ڪچي واري حصي کي پاڻي هيٺ آڻي رهيو آهي، ڪچي واري علائقي ڀريو شيدي موري، مٽڪا مياڻ جي بڻهي پاسي کان ملاحن جي 4 ڳوٺن سميت فقير جي ڳوٺ ويجھو ٻيلي شاھ لونڪو جي ڳوٺن مان وڌيڪ ڳوٺاڻن لڏپلاڻ ڪري سنڌوءَ جي ٻائوپورنداس (پي بي بند) شهيد دولھ درياءَ خان پل جي اسپل هڪ ۽ اسپل 2 تي وڏي پئماني تي پناهه وٺي ڇڏي، جڏهن ته ڪچي جي ٻوڏ جي متاثر ڳوٺاڻن جي پڻ هن مهل تائين ضلعي انتظاميه پاران ڪا به پرگهور نه لڌي وئي.

Leave A Comment