ميهڙ ۾ انتظام اڻپورا، برسات ۾ ناليون اٿلي پيون، گندگي جا ڍير
آگسٽ 3, 2024
ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، سنڌ سرڪار پاران برسات بابت الرٽ جاري ٿيڻ باوجود ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا شهر ۾ ڪي به انتظام نه ڪري سگهي، نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب شهري عذاب ۾ اچي ويا، ناليون بند هجڻ سبب برساتي پاڻي مختلف علائقن ۾ بيهجي ويو آهي، روڊ ريشم گلي ، سبزي مارڪيٽ ، اناج بازار ، شاھي بازار ، سميت اڪثر بازارن ، خريداري مرڪزن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ڪاروبار سخت متاٿر ٿي ويو آهي، علائقي واسين غلام عباس ، فرحان ، امتياز ، اعجاز ايڊوڪيٽ سعيد پنھور ، ذوالفقار کوکر ۽ ٻين چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر برسات ۾ ٻڏي رهيو آهي، علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ گندگي سبب کين اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.