بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ايس سي او ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي پلاننگ آهن: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

آگسٽ 30, 2024

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو واقعو نارمل نه منصوبابندي تحت ڪيو ويو، بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ايس سي او ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي پلاننگ آهن،  سينيٽ ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڪير آهي، واقعي ۾ ٻه ٽي گروپ ملوث آهن، هي واقعو شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن کي تڪليف آهي ته ايس سي او نه ٿئي پر اسان ايس سي او جي ميزباني ڪنداسين، پارليامينٽ سپريم آهي، ڪو به آپريشن نه ٿي رهيو آهي، جيڪي رياست کي نه ٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا، اهي دهشتگرد آهن، انهن جو بندوبست ڪيو ويندو، پاڪستان کي مڃڻ وارن کي اکين تي ويهاريو ويندو. انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

Leave A Comment