واڌو بلن ۽ ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ خلاف واپارين جي ڪامياب هڙتال، ڪراچي کان خيبر تائين ڪاروباري مرڪز بند
آگسٽ 29, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) بجلي جي وڏن بلن ۽ ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ خلاف واپاري تنظيمن طرفان سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، واپاري تنظيمن جي هڙتال سبب ڪراچي کان خيبر تائين ڪاروباري مرڪز بند رهيا ۽ هڙتال کي نظر ۾ رکندي مختلف شهرن ۾ اسڪول به بند رکيا ويا، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سميت ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن طرفان هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو هيو، اسلام آباد جي انتظاميه احتجاج کي نظر ۾ رکندي روڊ زون طرف ويندڙ رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو هيو، لاهور جون واپاري تنظيمون هڙتال جي معاملي تي 2 ڌڙن ۾ ورهايل رهيون، هڪ ڌڙو هڙتال جو حامي هيو، جڏهن ته ٻئي گروپ هڙتال جي مخالفت ڪئي، هوڏانهن فيصل آباد جي چوڪ گهنٽه گهر ۾ دڪان بند ڪرائڻ تي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ واپارين ۾ جهيڙو ٿيو، هڪ ٻئي تي تشدد ڪيو ويو، پوليس 2 ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، راولپنڊي ۾ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪوئيٽا ۾ واپارين ٽيڪسز لڳائڻ خلاف مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ڀرسان ڏيٿا اسٽيشن وٽ روڊ بلاڪ ڪندڙ ٽرڪ ٽرانسپورٽرن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڏيٿا اسٽيشن ڀرسان عمر اسٽاپ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، چڪرين دوران سي آءِ اي جي ڊي ايس پي سميت 4 اهلڪار زخمي، لٺيون لڳڻ سبب 2 ٽرانسپورٽر به زخمي ٿي پيا، پوليس جي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش دوران لٺبازي ۽ هوائي فائرنگ، 11 ٽرڪ مالڪ ۽ ڊرائيور گرفتار، 15 سڃاتل ٽرڪ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سميت 250 ماڻهن خلاف 2 الڳ الڳ ڪيس داخل، هڪ ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي جو قلم به لاڳو، گرفتار ٽرڪ مالڪ ۽ ڊرائيور اي ٽي سي ۽ سول ڪورٽ ۾ رمانڊ لاءِ پيش، ٻنهي عدالتن گرفتار ماڻهن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. حيدرآباد ۾ جا ڪاروباري مرڪز ۽ مک بازارون بند رهيون، ٽنهي تعلقن سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، جنهن سبب عام واهپي جي شين جي خريداري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتون پيش آيون. سکر شهر جا اهم تجارتي مرڪز صرافه بازار، گهنٽا گهر، غريب آباد، شهيد گنج، شاهي بازار، نشتر روڊ، فريئر روڊ، ڪپڙا مارڪيٽ، مشن روڊ، اسٽيشن روڊ، ريس ڪورس روڊ، تمباڪو بازار، اناج بازار، ڍڪ روڊ بند رهيا، جڏهن ته حاجي جاويد ميمڻ، حاجي شفيع عباسي، ملنگ بابا، عمران بنڌاڻي، حاجي هارون ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ فيڊريشن آف ٽريڊ يونين ايسوسئيشن جي سڏ تي وفاقي حڪومت طرفان واپارين مٿان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ واري عمل خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري شهر جا مُک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، بندر روڊ، پاڪستاني چوڪ، جناح باغ چوڪ، اسٽيشن روڊ، رائل روڊ، جي پي او روڊ، بئنڪ اسڪوائر، لاهوري محلا، باقراڻي روڊ، مڇي مارڪيٽ روڊ، ايمپائر روڊ، سبزي منڊي روڊ، گجڻ پور چوڪ ۾ قائم ننڍا وڏا دڪان توڙي ڪاروباري مرڪزن سميت شهر جا پئٽرول پمپ مڪمل طور بند رهيا. ٻئي پاسي ايسوسئيشن جي اڳواڻن ايسوسئيشن جي سينيئر نائب صدر محمد اسلم شيخ، محمد عاشق پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، قائداعظم روڊ، ڪلاٿ مارڪيٽ، شاهي بازار، صرافه بازار، بانو بازار، ٽاور روڊ سميت ٻين هنڌن تي ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جماعت اسلامي پاران ضلعي امير ديدار لاشاري، جي يو آءِ امير ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، شڪارپور ۾ جماعت اسلامي پاڪسان جي مرڪزي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، مولانا صب عبدالسميع ڀٽي، مولانا صبغت الله منصوري، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ، مولانا محمود الاھي ھڪڙو، مولانا صدرالدين مهر، حافظ نياز احمد ڀٽي جي اڳواڻي ۾ لکيدر گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي، صرافا بازار، گهنٽاگهر چوڪ، ڊکڻ بازار سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ٺٽي ضلعي جي به ننڍن، وڏن شھرن، ٺٽو، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، ساڪرو، جھرڪ، سونڊا سميت ٻين شھر ۾ واپارين سمورو ڪاروبار، دڪان، پئٽرول پئمپ بند ڪري ھڙتال ڪئي پئي، بدين ۾ جماعت اسلامي ۽ واپاري تنظيمن پاران مھانگائي خلاف شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ريشم گلي، قائداعظم روڊ، شھباز روڊ ۽ غريب آباد وارا علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل بند رهيا، جڏهن ته جماعت اسلامي تعلقي بدين جي امير الھه بچايو ھاليپوٽو ۽ واحد بخش احمداڻي جي اڳواڻي ۾ اوين صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، مٺي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ڊگھڙي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي شهر مڪل طور بند رهيو، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن محمد ياسين گجر، اشرف علي خان قائمخاني، شڪيل احمد غوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، اسلام ڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي واپارين شٽربند هڙتال ڪري جماعت اسلامي جي اڳواڻ شاهنواز خاصخيلي، گل محمد وسائيپوٽو، واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي ۽ جي يو آءِ اڳواڻ دلاور سميجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جهڏي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، انور عادل مارڪيٽ، محمدي مارڪيٽ، فتح مارڪيٽ، ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جماعت اسلامي جي اڳواڻ اظهر جميل، ڊاڪٽر شمشاد، عمر خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊي باگي ۾ ۾ به مھانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالڪريم بليدي ۽ عبدالغفار بليدي جي اڳواڻي ۾ باگو واهه پل واري چوڪ تي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ٽنڊو آدم ۾ انجمن تاجران ۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، قاضي احمد ۾ ميڊيڪل اسٽور يونين پاران شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، مورو ۾ صرافا يونين پاران هڙتال ڪري اياز پيرزادو، حاجي سليمان پيرزادو، راڻا محمد نواز راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شاهپورچاڪر ۾ واپاري تنظيمن ۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي دوڪاندارن ڪاروبار بند رکيو، ٻانڌي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي واپارين مڪمل شٽربند هڙتال ڪري طارق جاويد آرائين، ثاقب علي آرائين، شاھد آرائين، غلام سرور ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ميروخان ۾ آل پاڪستان فرٽيلائيزر، ڊيلر ايسوسيئيشن پاران وفاقي سرڪار پاران بجلي، گئس سميت ڪاروباري ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڪاروبار بند ڪري مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شھدادڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪ ۾ بجلي جي واڌو بلن ۽ غير قانوني ٽئڪس اوڳاڙڻ پئٽرول ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ سميت ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف واپارين پاران شهر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، قمبر ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي رائيس ملرز پنهنجن ڪارخانن جي تالا بندي ڪري ڇڏي، جوهي ۾ مڪمل ششٽر بند هڙتال ڪري انجمن تاجران جوهي جي صدر حاجي فاروق احمد رند، اسد الله، اياز علي جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ عمران علي زنگيجو ، عدنان گاڏھي ، علي محمد قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي علمدار چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو. دادو ۾ جزوي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن صورت واپارين جي دٻاءَ ۾ نه ايندي، ريٽيلرز کي هر صورت ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو، ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ احسان افضل چيو ته اسان ڳالهين کان نه ڀڄنداسين، پر واپارين جي پريشر ۾ نه اينداسين ۽ جيڪڏهن واپارين کي لڳي ٿو ته اسان غلط ڪري رهيا آهيون ته ٻيهر ويهي سگهون ٿا، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم کي ايف بي آر جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻي آهي، ريٽيل سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو، ٻئي طرف ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين سان ٽيڪس وصولي معاملي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي مرضي جي تبديلين لاءِ تيار ٿي ويو آهي، امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته واپارين کي ورهائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، سڄي ملڪ ۾ واپاري تنظيمن هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، اي اين پي طرفان به هڙتال جي حمايت ڪئي وئي، اي اين پي جي مرڪزي صدر ايمل ولي چيو ته حڪومت ۽ اشرافيه پنهنجا خرچ ختم ڪن ته عوام تي ٽيڪس پاڻمرادو گهٽ ٿيندا. هوڏانهن صدر آل پاڪستان ٽريڊرز ايسوسيئيشن اجمل بلوچ چيو آهي ته جماعت اسلامي واپارين جي هڙتال کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، لاهور جا واپاري به سراپا احتجاج رهيا، ڪاروباري مرڪز ۽ شاپنگ سينٽر بند ڪيا ويا، اردو بازار، شاهه عالم مارڪيٽ، رنگ محل، اڪبري مارڪيٽ ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي تالا لڳل هئا، پشاور ۾ به واپارين طرفان مختلف بازارون بند ڪيون ويون. واپاري يونينز اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺي ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. وفاقي سرڪار پاران بجلي اگھن ۾ واڌ ۽ مختلف ٽيڪس مڙهڻ خلاف جماعت اسلامي ۽ واپاري تنظيمن جي سڏ تي ڪراچي ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، شهر جون سموريون ننڍيون ۽ وڏيون مارڪيٽون بند رهيون. مدينه مال، زينب مارڪيٽ، موبائل مارڪيٽ، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، ٽمبر مارڪيٽ، فرنيچر مارڪيٽ، اليڪٽرڪ مارڪيٽ، پلاسٽڪ مارڪيٽ، آرام باغ، برنس روڊ، ايمپريس مارڪيٽ توڙي لياقت آباد جي مين مارڪيٽن سميت شهر جي سمورين مارڪيٽن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو، ان حوالي سان واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار بجلي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن، جنهن سان نه صرف عام صارفين پر ڪاروباري طبقي تي به وڏو اثر پيو آهي. هنن چيو ته جيستائين وفاقي سرڪار ٽيڪس واپس نٿي وٺي، اسان جو احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعيم ظفر شھر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو پڻ ڪيو ، صدر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته جماعت اسلامي جي سڏ تي واپارين ڪاروبار بند ڪيو آهي، اسان واپارين جي مسئلن تي ساڻن گڏ آهيون.
حيدرآباد ۾ واپارين جو ڌرڻو، روڊ کولرائڻ تان چڪريون، لٺبازي، فائرنگ، 5 ڄڻا زخمي
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ميرپورخاص روڊ تي ڏيٿا اسٽيشن وٽ حاجي عمر اسٽاپ تي ٽول ٽئڪس ۽ وزن واري ڪانٽي تي اضافي اوڳاڙين خلاف احتجاج ڪندڙ ٽرڪ مالڪن ۽ ڊرائيورن تي پوليس جا اٽالا ڪڙڪي پيا. چڪرين دوران حاجي عمر اسٽاپ جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن ته هوائي فائرنگ، لٺبازي ۽ پٿراءُ جي نتيجي ۾ سي آءِ اي حيدرآباد جو ڊي ايس پي اسلم لانگاهه، پوليس ڪانسٽيبل خاور ۽ پوليس ڪانسٽيبل آغا محمد يوسف سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ ٽرڪ اونرز عبدالستار زنئور ۽ وحيد ڀنگوار به شامل آهن. زخمي پوليس آفيسر، اهلڪارن ۽ ٽرڪ مالڪن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريتي بجري ۽ ڪريش ڍوئيندڙ ٽرڪ جي مالڪن ۽ ڊرائيورن حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي ڪانٽي پاران 5 هزار رپيا ۽ ٽول پلازه وٽ 1500 رپيا اضافي اوڳاڙي خلاف اڱاري جي ڏينهن منجهند جو احتجاج ڪندي پنهنجون ٽرڪون روڊ تي بيهاري ڇڏيون هيون. ٽرڪون بيهارڻ سبب حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ رڪجي وئي هئي ۽ سوين گاڏيون ڦاسڻ جي ڪري هزارين مسافر پريشان ٿي ويا هئا. ابتدائي طور راهوڪي ۽ ٽنڊي ڄام جي پوليس ڊي ايس پي ٽنڊي ڄام جي قيادت ۾ پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽرڪ مالڪن ۽ ٽرڪ ڊرائيورن روڊ کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پوليس بار بار ڳالهين جي ذريعي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کي ڪاميابي نه ٿي سگهي جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي سي آءِ اي محمد اسلم لانگاهه جي سربراهي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس موڪلي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تان پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ جهڙپون شروع ٿيون. ان دوران لٺبازي ۽ فائرنگ جي ڪري ڀاڄ پئجي وئي ، ان کان اڳ راهوڪي پوليس احتجاج ڪندڙ مالڪن ۽ ڊرائيورن خلاف اي ايس آءِ محمد اسلم جي فرياد تي هڪ ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ ٽرڪ مالڪن جي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ۽ ڊرائيورن کي نامزد ڪيو ويو هو. بعد ۾ هڪ ٻي ايف آءِ آر ايس ايڇ او راهوڪي فرحان الدين ميمڻ جي فرياد تي داخل ڪئي وئي جنهن ۾ ٽرڪ مالڪن جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين محراب کوسو، حاجي شريف بگٽي، اڪبر پٺاڻ، لال خان پٺاڻ، ذاڪر پٺاڻ، جاڙو خان مري، واحد بخش بروهي، اعتبار پٺاڻ، جلال مري، نويد الله پٺاڻ، عبدالستار زنئور، محمود زنئور، زمان، ماهار گل پٺاڻ ۽ وقار ٻٻر سميت 250 کان وڌيڪ ماڻهن کي جوابدار ڄاڻائي سندن خلاف پوليس تي حملي، روڊ بلاڪ ڪرڻ، پوليس اهلڪارن جون ورديون ڦاڙڻ، سرڪاري گاڏين تي فائرنگ ڪرڻ، جهيڙي ۽ هل هنگامي جا قلم لاڳو ڪيا ويا. ٻئي طرف گرفتار ڪيل جوابدارن کي رمانڊ لاءِ ابتدائي طور دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ واري درخواست کي رد ڪندي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ٻي ايف آءِ آر ۾ ساڳين ئي گرفتار جوابدارن کي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪري سندن جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي پر عدالت پوليس جي اها درخواست رد ڪندي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. پوليس هٿان گرفتار ڪيل ماڻهن جو چوڻ هو ته انهن اضافي ٽول ٽئڪس ۽ اضافي ڪانٽي جي وصولي خلاف پرامن احتجاج ڪيو هو. پوليس مٿن ڪڙڪي پئي ۽ تشدد بعد کين گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جتي پڻ کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.