سياري لاءِ واڌو بجلي استعمال تي 26 رپين تائين رليف: آءِ ايم ايف منظوري ڏني، ڪير به قرض ملتوي نٿو ڪري، الله خير ڪندو: ناڻي وزير
نومبر 9, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار سياري ۾ بجلي جي واڌو استعمال تي 26 رپيا في يونٽ تائين رليف ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سياري ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واڌو بجلي استعمال ڪندڙن کي في يونٽ 26 رپيا رليف ڏنو ويندو، بجلي جي مد ۾ سهولت پيڪيج ڊسمبر 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين لاڳو هوندو، گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو هاڻوڪو اگهه 37 رپيا 49 پئسن کان 52 رپيا في يونٽ آهي، رليف پيڪيج تحت بجلي جي واڌو استعمال تي اگهه 26 رپيا 7 پئسا في يونٽ هوندو، گهريلو واهپيدارن کي 11 رپيا 42 پئسن کان 26 رپيا في يونٽ بچت ٿيندي، صنعتن لاءِ بجلي جو اگهه 31 رپيا 79 پئسن کان 41 رپيا 12 پئسا في يونٽ آهي، رليف پيڪيج تحت واڌو بجلي جي استعمال تي نئون اگهه 26 رپيا 7 پئسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو، رليف پيڪيج سان صنعتي واهپيدارن کي 5 رپيا 72 پئسن کان 15 رپيا 5 پئسن تائين بچت ٿيندي، ڪمرشل واهپيدارن کي 13 رپيا 46 پئسن کان 22 رپيا 71پئسن تائين بچت ٿيندي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف سياري ۾ اضافي بجلي استعمال ڪرڻ لاءِ ونٽر پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته سياري ۾ اضافي بجلي استعمال ڪرڻ تي في يونٽ قيمت ۾ رليف ڏنو ويندو. ڊسمبر کان فيبروري تائين ونٽر پيڪيج هوندو، يوم اقبال بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي پئي وڃي، جنهن سان زراعت، صنعت ۽ ڪاروبار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي، معاشي پابندين جي ڪري اسان معاشي طور آزاد ناهيون پر ملڪ جي معاشي صورتحال آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي، هن چيو ته سعودي ۽ قطر کي وڏي ادب سان چئي آيو آهيان ته اوهان گهڻي مدد ڪئي آهي، هاڻ ڪشڪول کڻي نه ايندس، سيڙپڪاري جو پيڪيج کڻي اينداسين، اوهان به منافعو ڪمايو، پاڪستان به خوشحال ٿيندو، هي صرف لفاظي ناهي گڏجي ائين ممڪن بڻائينداسين، هاڻي ڪاروبار هلندو، روزگار جا موقعا ملندا . تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سياري ۾ بجلي پيڪيج بابت آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو، آءِ ايم ايف پيڪيج جي منظوري ڏني آهي، آءِ ايم ايف جو وفد ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان پهچندو، پاڪستاني معيشت 4 سيڪڙو پيداوارا شرح تي پهچڻ سان ئي مسئلا شروع ٿيندا آهن، اسان کي ايڪسپورٽ تي ٻڌل معيشت تي ڪم ڪرڻو پوندو، شروعاتي ٽن مهينن ۾ ريٽيلرز کان ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪيو اٿئون، آءِ ايم ايف وفد کي ريٽيلرز کان ٽئڪس اوڳاڙي ۾ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويندو، ريٽيلرز کي درخواست آهي ته اسان سان گڏجي هلن، ناڻي وزير چيو ته عطين سان ملڪ ناهن هلندا، هاڻي ڪوئي به ملڪ ڊپازٽ ۽ قرضن ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ نجي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو، چين، سعودي عرب، يو اي اي سميت دوست ملڪ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، هاڻي سڀ ڪجهه ڪاروبار جي بدلي ڪاروبار سطح تي ٿيندو، مني بجيٽ بابت سوال تي ناڻي وزير چيو ته الله خير ڪندو، صوبن ۾ زرعي ٽيڪس لڳائڻو آهي ان لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران محمد اورنگزيب چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ سوڌو جتي به حڪومت جو عمل دخل آهي، اُتي اسڪينڊلز ۽ مسئلا آهن، چانور ۽ مَڪئِي جي اُپت ۾ حڪومت جو عمل دخل ناهي، گذريل سال ٻنهي فصلن جي ايڪسپورٽ 4 ارب ڊالرز آهي، مالي گنجائش لاءِ پينشن سڌارن ۽ ڊيبِٽَ سروسنگ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي جي وفاقي وزير چيو ته حڪومت پي آءِ اي کي پاڻ وٽ نٿي رکي سگهي، پي آءِ اي کي ٻيهر خانگايو ويندو