دريائي وهڪرن ۾ واڌ: سنڌو درياءَ جي سمورن بيراجن وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ
آگسٽ 6, 2024
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) دريائي وهڪرن ۾ واڌ جي صورتحال برقرار آهي، جنهن ڪري پنجاب ۾ سنڌو درياءَ جي سمورن بيراجن تي وچولي درجي جي ٻوڏ ٿي وئي آهي، جڏهن ته نوشهرهه وٽ ڪابل ندي ۾ وڌيڪ چاڙھ سبب وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، سنڌ ۾ ڪالهه هلندڙ مند جي پهرين ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي ۽ گڊو بيراج وٽ به ننڍي ٻوڏ ٿي وئي آهي، ڪالهه شام تربيلا ڊيم جو مٿاهون وهڪرو 338000 ۽ هيٺاهون وهڪرو 313900 ڪيوسڪ ٿي ويو، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1536.5 فوٽ ٿي وئي، ڪابل ۾ نوشهرهه وٽ منجهند جو پاڻي هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو هو، جيڪو شام جو ڪجهه لاٿ بعد 91000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪالاغ بيراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي جتي ڪالهه شام مٿاهون وهڪرو 381815 ۽ هيٺاهون وهڪرو 373831 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، چشما بيراج وٽ وهڪرا وڌي ويا، مٿاهون وهڪرو409608 ۽ هيٺاهون وهڪرو 389279 ڪيوسڪ تي پهتا هئا، تونسا بيراج وٽ مٿاهون ۽ هيٺاهون وهڪرو 407105 ۽ هيٺاهون وهڪرو 393036 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو بيراج وٽ مٿاهون 249783 ۽ هيٺاهون وهڪرو 248773 ريڪارڊ ڪيو ويو، سکر بيراج وٽ وهڪرا 186338 ڪيوسڪ تي پهچي ويا هئا، ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 83902 ۽ هيٺاهون وهڪرو 49807 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، پنجند وٽان به سنڌو ۾ 26507 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪئي وئي. اڄ به سنڌ جي بيراجن وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ واري صورتحال رهندي.