آزاد آئيني ادارو آهي: اليڪشن ڪميشن جو سينيٽ ڪاميٽي کي خرچن بابت بريفنگ ڏيڻ کان انڪار

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ خرچن ۽ عام چونڊن جي خرچن تي بريفنگ ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي. سيڪريٽري ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گهربل معلومات ڪاميٽي کي ڏيڻ جو پابند ناهي. پي ٽي آءِ سينٽرز محسن عزيز، علي ظفر ۽ همايون مهمند چيو ته هي پارليامينٽ جي مذاق آهي. معاملو استحقاق ڪاميٽي حوالي ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته معاملي تي چيئرمين سينيٽ جي راءِ وٺون ٿا. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته چيئرمين سينيٽ جي راءِ جو گهڻو وزن هوندو. اُن جي راءِ وٺڻ گهرجي. فلحال استحقاق ڪميٽي ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. چيئرمين ڪميٽي چيو ته منهنجي خيال ۾ ته معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي، پرويز رشيد جي راءِ تي مان ٿورو صبر ڪريان ٿو. سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس همايون مهمند جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ملازمن جي پگهارن، سفري خرچن ۽ 8 فيبروري جي چونڊ خرچن جا تفصيل گهريا ويا هئا. پارلياماني معاملن واري وزارت کي لکيل خط ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي ۽ ڪنهن به وزارت جي ماتحت ناهي. اليڪشن ڪميشن پارليماني معامرن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي دائري اختيار ۾ ناهي. اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ تي قومي اسيمبليءَ ۾ ووٽنگ ناهي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن گهربل معلومات ڪميٽيءَ کي فراهم ڪرڻ جو پابند ناهي. اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن ۽ آئيني معاملن تي قانون سازي جي معاملن ۾ معاونت فراهم ڪري سگهي ٿي. چيئرمين ڪميٽي همايون مهمند چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا چون ٿا ته هو پارليامينٽ کي جوابده ناهن. جنهن پارليامينٽ انهن جي تخليق ڪئي اُن کي هو چون ٿا ته اسان اوهان جا جوابده ناهيون. رولز تحت اسان کي ڪنهن شخص کي طلب ڪرڻ، دستاويز، رڪارڊ وٺڻ جو اختيار آهي. اسان اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنرکي اسان گهرائي سگهون ٿا. پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت جي دائري اختيار ۾ اليڪشن ڪميشن جو قانون سازي وارو معاملو شامل آهي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته اليڪشن ڪميشن جو خط رد ڪرڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن پي اي سي ۾ آيو هيو. سينٽر علي ظفر چيو ته عوام جو پئسو اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڏنو ويو، اهو پئسو ڪٿي استعمال ٿيو؟ پارليامينٽ پاڻ ئي بجيٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ماضيءَ ۾ هن ڪميٽيءَ وٽ اليڪشن ڪميشن جا خرچ آيا، پارليمينٽ ئي اليڪشن ڪميشن کي بجيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته اها پارليامينٽ کي جوابده ناهي ته ڪنهن کي جوابده آهي؟ اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي منهن تي چماٽ هنئي آهي. اها ڳالهه مون کي قابل قبول ناهي. هي اسان جي بي عزتي آهي. اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ کي چيو آهي ته هيل وٿ يو. اليڪشن ڪميشن وڳارا ناهن آيا، ڪميٽي جو استحقاق مجروع ٿيو آهي. همايون مهمند چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي 50 ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون ان تي سوال ئي نٿا ڪري سگهون، ڪميشن آر ٽي ايس ٺاهيو ۽ پوءِ اي ايم ايس ٺاهيو. اهي سڀ نظام ناڪام ٿي رهيا آهن. اِن تي سوال ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي. پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته معاملو چيئرمين سينيٽ کي اماڻي رهنمائي ۽ اُن جي راءِ ورتي وڃي. همايون مهمند چيو ته مان ان تي استحقاق ڪميٽي ويندس. هي سينيٽ جو مذاق آهي. علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اهو چوڻ ته هو پارليمينٽ کي جوابده ناهن اُن تي ايڪشن ورتو وڇي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته چيئرمين سينيٽ جي راءِ ۾ گهڻو وزن هوندو. پهرين اُن کان راءِ وٺڻ گهرجي. استحقاق ڪميٽي ڏانهن وڃڻ کان فلحال پاسو ڪيو وڃي. سينيٽر سرمد علي چيو ته اٽارني جنرل يا قانون واري وزارت کان راءِ ورتي وڃي. همايون مهمند چيو ته چيئرمين سينيٽ جي راءِ وٺون ٿا. منهنجي خيال ۾ اهو معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي، پر پرويز رشيد جي راءِ لاءِ ٿورو صبر ڪريان ٿو.

Leave A Comment