ڀارت اڀرندڙ معاشي منڊي قرار: پاڪستان کي ڏکيائيون آهن، مالياتي سڌارن کي سخت ڪرڻو پوندو: آءِ ايم ايف

اپريل 29, 2024

رياض (م ڊ ) آءِ ايم ايف سخت مالياتي ضابطن کي يقيني بڻائڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سڌارن سان ئي مائڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ نئين پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ آءِ ايم ايف ايم ڊي کي نئين پروگرام جي اقتصادي فريم ورڪ جو ٻڌايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت پاڪستاني معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان تي ڪرسٽالينا جارجيوا صلاح ڏني ته سخت مالياتي ضابطا يقيني بڻايو.  حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزراعظم شهباز شريف سان ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽلينا جارجيوا جي ملاقات عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائن تي ٿي. ملاقات ۾ آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام بابت به ڳالهيون ٿيون. پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي پاڪستان ۾ نئين پروگرام جي حوالي سان تيارين بابت آگاهه ڪيو ويو.  ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا صلاح ڏني ته پاڪستان پنهنجي مالياتي پاليسين کي اڃا سخت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني. هوڏانهن  آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي. پڌرائي موجب اجلاس ۾  ايس بي اي تحت 1.1 ارب ڊالر قسط جو فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.  ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت معيشت بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. حڪومت معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آِڻڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته مالياتي ٽيم کي سڌارن، سخت مالياتي نظم و ضبط يقيني پاليسين تي عمل جي هدايت ڪئي آهي جيڪي مائڪرو اڪنامڪس کي استحڪام ڏيڻ يقيني بڻائن.  ان موقعي تي ڪرسٽالينا جارجيوا گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ بابت وزيراعظم جي ڪردار کي ساراهيو.  هوڏانهن ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي معيشت ڏکيائين جو شڪار آهي. گھٽ آمدني وارن ملڪن جي حالت خراب ٿي رهي آهي. ڪورونا وبا جي ڪري دنيا کي 3.3 ٽريلين ڊالر جو نقصان ٿيو.  معاشي نقصان سان گھٽ آمدني وارا ملڪ گھڻا متاثر ٿيا. هلندڙ سال ترقي جي شرح جي ڪاٿي کي بهتر ڪيو آهي. پر جن ملڪن ۾ مهانگائي تمام گھڻي آهي اتي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ مالي خساري تي ڪنٽرول اهم ترجيحون آهن. ڪرسٽالينا جارجيوا وڌيڪ چيو ته پهرين ٽه ماهي دوران چين جي ڪارڪردگي اميد کان وڌيڪ سٺي رهي، جڏهن ته پاڪستان کي وڏيون مشڪلاتون رهيون. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن گڏجاڻي دوران آءِ ايم ايف جا ٻه پيغام آهن. گذريل ڪجهه سالن جي ڏکيائين باوجود ترقي ۽ معيشت بهتر آهي، اسان ترقي جي ڪاٿن کي هن سال لاءِ بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته ايڊوانس معيشتن ۾ آمريڪا جي ڪارڪردگي سٺي آهي، انڊونيشيا، ملائيشيا، ڀارت جھڙين اڀرندڙ منڊين جي ڪارڪردگي به سٺي آهي. چين جي ڪارڪردگي شروعاتي ٽن مهينن ۾ اميدن کان وڌيڪ بهتررهي پر ڪجهه ملڪن جهڙوڪ پاڪستان کي واضح ڏکيايون رهيون، مصر هاڻي بهتر آهي پر ان کي به ڏکيائيون آهن. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ وفد سان گڏ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي معاملن بابت گفتگو ڪئي وئي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس لاءِ سعودي عرب ۾ موجود وزيراعظم شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر الجاسر سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فعال آهي. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي ڀائيواري، نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اداري جو باني رڪن ۽ انتهائي اهم ميمبر آهي، الله پاڪ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي ۽ آبي وسيلن سان نوازيو آهي. ڊاڪٽر الجاسر چيو ته پاڪستان وٽ تمام وڏي افرادي قوت آهي، جنهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو، پاڪستان جي خوشحالي ۽ بهترين لاءِ دعاڳو آهيون.

Leave A Comment