ڀارتي جاسوس کي قتل ڪندڙ پاڪستانيءَ تي لاهور ۾ قاتلاڻو حملو
اپريل 15, 2024
لاهور (م ڊ) لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملو ڪندڙ عامر تانبا قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي. پوليس موجب اسلام پوره ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن ڪوٽ لکپت جيل ۾ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملو ڪندڙ عامر تانبا تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فائرنگ سان زخمي ٿيل عامر تانبا کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ علائقي کي گھيري ۾ آڻي شوٽرز جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب عامر تانبا ڪجهه وقت اڳ ئي جيل مان آزاد ٿيو هو. ياد رهي ته 2013ع ۾ ڪوٽ لک پت جيل ۾ ٻن قيدين عامر تانبا ۽ مدثر تي جيل ۾ ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملي جو الزام لڳايو ويو هو. حملي ۾ سربجيت سنگهه زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو. ٻئي پاسي عامر تانبا تي حملي جو ڪيس سندس ڀاءُِ جنيد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻه موٽرسائيڪل سوار هٿياربند آيا ۽ گھر جي مٿئين حصي ۾ وڃي عامر کي ٽي گوليون هنيون، هڪ حملي اور کي هيلميٽ پاتل هو، ٻئي کي ماسڪ پاتل هو.