سنڌو جون 104 پوائنٽون خطرناڪ قرار: آبپاشي ۽ پي ڊي ايم اي کي الرٽ رهڻ جو حڪم

جُولاءِ 9, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه آبپاشي ۽ رليف کاتي (پي ڊي ايم اي) کي هدايت ڪئي آهي ته اهي موسميات کاتي پاران تيز برساتن جي اڳڪٿي جي روشني ۾ دريائي ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري، آئون چاهيان ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستان نيوي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ايجنسين وچ ۾ مناسب ڪوآرڊينيشن هجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ وقت سِر ڪارروائي ڪري سگهجي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سرفراز ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عام طور تي چوماسي جي شروعات پهرين جولاءِ کان ٿيندي آهي، هيل عام معمول کان 60-70 سيڪڙو  وڌيڪ برساتون پونديون،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي درياهي ٻوڏ جي امڪاني انتظامن لاءِ هنگامي پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ برسات جو سڀ کان وڌيڪ پاڻي ٿڌو ڊيم ۾ جمع ٿئي ٿو. لٺ ڊيم مان اوور فلو ٿيڻ کانپوءِ لات نائي جو برساتي پاڻي سعدي گارڊن، گلشن عثمان، سعدي ٽائون ۽ ٻين علائقن کي متاثر ڪري ٿو جڏهن ته ڪراچي ۾ تيز برساتن دوران ناردرن بائي پاس وٽ اوور فلو ٿئي ٿو. شهري ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي آبپاشي کاتي موجوده ڊيمن کانسواءِ لات نائي جي ڪمانڊ  ۾ 8 ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن. اجلا س ۾ آبپاشي  سيڪريٽري چيو ته گڊو بئراج تي 10، سکر بئراج جي ساڄي ڪناري 22، سکر بئراج جي کاٻي پاسي 36 پوائنٽس ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 28 جملي 104 خطرناڪ پوائنٽس آهن. آبپاشي واري وزير ٻڌايو ته دريائي بندن تي ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، جنهن ۾ جي-اسپر جي تعمير سميت ايس ايم بند جو ڪم به شامل آهي، جتي پچنگ ۽ ٻيو ڪم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آبپاشي وزير کي هدايت ڪئي ته هو سمورن لوپ بندن، دريائي بندن، جابلو بندن منڇر بند، ڪيجهر ڍنڍ ۽ چوٽياريون جو معائنو ڪري. مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته بندن تي هلندڙ ڪم کي تيز ڪيو وڃي،  سمورين ڪمزور پوائنٽن کي مضبوط ڪيو وڃي. بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب چيو ته سنڌو درياهه ۾ تيز وهڪري جا 95 سيڪڙو امڪان آهن. جولاءِ ۾ ٿوري عرصي لاءِ تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون. آگسٽ ۾ ايندڙ اسپيل لڳاتار ۽ ڊگهي عرصي لاءِ هوندا آهن، جيڪي وڌيڪ خطرناڪ آهن هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي اڳ ۾ ئي ضروري تياريون ڪري ورتيون آهن. پي ڊي ايم اي چيف سلمان شاهه ٻڌايو ته 251834 ماڻهن لاءِخيما، توريون ، واٽر ڪولر، پورٽبل ٽوائلٽس، واٽر ٽينڪ، مڇردانيون، ڪچن سيٽ ۽ راشن بيگز موجود آهن. وڏي وزير آبپاشي کاتي، پي ڊي ايم اي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪن ، نيوي سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان پڻ رابطي ۾ رهن.

Leave A Comment