سنڌو کي گٽر نالو بڻايو اٿئو، 5 ڪروڙ ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان ٿيندا، سنڌ سان حڪمرانن پاڻ زيادتي ڪئي: هاءِ ڪورٽ
سيپٽمبر 3, 2024
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ ۾ سنڌو درياءُ هجڻ باوجود اسان جر جو پاڻي پي رهيا آهيون، فيڪٽرين، انساني گند ۽ گٽرن جي پاڻي جي ڇوڙ سان سنڌو به گٽر نالي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، سنڌ سان وڏي زيادتي حڪمرانن پاڻ ڪئي آهي، ڪالهه جر (زميني پاڻي) تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، فوڊ اٿارٽي جو ڊي جي مزمل هاليپوٽو، صحت کاتي جو سيڪريٽري ۽ ٻيا پيش ٿيا، فوڊ اٿارٽي جي ڊي جي چيو ته اسان 5 آر او پلانٽس جا سمپل ورتا آهن
جنهن تي جسٽس امجد سهتو چيو ته ڇا توهان 50 رپين ۾ عوام کي پاڻي فراهم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي؟ توهان 120 رپين ۾ ملندڙ پاڻي بوتلن وارن خلاف به ڪارروئي ناهي ڪئي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پاڻي جي ٽيسٽنگ لاءِ 17 ليبارٽريز قائم ڪيون ويون آهن، جنهن تي عدالت چيو ته اسان ٻه سال اڳ سکر ۾ ليبارٽرين جي قيام بابت حڪم ڏنو هو، ليبارٽرين جي ايس اين اي ڪڏهن منظور ٿي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ايس اين اي 6 مهينا اڳ منظور ٿيون آهن، هاڻ اتي واٽر ٽيسٽنگ ٿي رهي آهي، ٻڌڻي دران عدالت ريماڪس ڏيندي چيو ته سنڌ مان سنڌو وهڻ باوجود اسان جر جو پاڻي پي رهيا آهيون ، جڏهن ته سنڌو درياءُ ڊرينيج نالي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، عدالت صوبائي وزير ڄام خان شورو کان سوال ڪندي چيو ته توهان ته وزير آهيو، اسان توهان کي ناهي گهرايو، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڄام خان شوو فوڊ اٿارٽي جو چيئرمين هئڻ جي ناتي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، عدالت ڄام خان شوري سان مخاطب ٿي چيو ته توهان ڏسو پيا ته پنجاب ۾ فوڊ اٿارٽي ڪيتري فعال آهي؟ هتي ڪجهه به نه پيو ٿئي؟ ننڍن شهرن ۾ بنا چڪاس جي غير معياري منرل واٽر وڪرو ٿي رهيو آهي
فوڊ اٿارٽي هن مهل تائين ڪيتريون ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون آهن؟ جنهن تي فوڊ اٿارٽي جي وڪيل چيو ته هن مهل تائين ڪا به ايف آءِ آر داخل ناهي ڪرائي، اسان عدالتن ۾ شڪايتون داخل ڪرايون آهن، جنهن تي عدالت چيو سنڌ فوڊ اٿارٽي سميت ڪو به ادارو پنهنجو ڪم نٿو ڪري، منرل واٽر ۽ پيئڻ جي پاڻي ۾ فرق آهي, عدالت سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملدارن کي چيو ته اوهان مارڪيٽن ۾ وڃي اتي وڪرو ٿيندڙ مصالحا چيڪ ڪريو، ٻڌڻي دران صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي ٿي رهي آهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته زيادتي ڪنهن ڪئي؟ اوهان پاڻ چيو ته ليبارٽريز ٺاهيون ويون آهن پر عملو ناهي رکيو ويو، توهان پاڻ تسليم ڪيو آهي ته سنڌ سان زيادتي اوهان پاڻ ڪئي آهي.عدالت چيو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ سنڌ جا پنج ڪروڙ ماڻهو صاف پاڻي لاءِ پريشان ٿيندا، لوڪل ٽائونن کي ڪنهن کي پاڻي (جر) ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ جو اختيار ناهي، آر او پلانٽ ۾ آرسينڪ ٽريٽ ٿي ٿو وڃي، عدالت ڪراچي واٽربورڊ ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي نجي ڪمپني جو وزٽ ڪري پاڻي جا نمونا چڪاس جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته هتي منرل واٽر جون کوڙ ڪمپنيون آهن، پوري دنيا ۾ ايئن ناهي، هتي هر ڪنهن کي اجازت ڏني پئي وڃي، عدالت چيو اسان سمورن ڌرين جو موقف ٻڌي ڇڏيو آهي، اڄ ئي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويندو
صحت کاتي جي اڌ بجيٽ روبوٽ خريداري ۾ خرچ ٿي، اهي روبوٽ ڪير هلائيندو؟ عدالت
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته صحت کاتي پاران رقم خرچ ڪرڻ جو ڪم پهريان ڪيو ويندو آهي، ايس اين اي وري بعد ۾ منظور ڪئي ويندي آهي، اسپتالن جي عمارت ۽ سامان تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن پر ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي ڀرتي جي ايس اين اي منظور ناهي ڪئي ويندي، عدالت چيو ته ايس اين اي منظور نه ٿيڻ ڪري اسپتال فعال ناهي ٿيندي ۽ سامان خراب ٿي ويندو آهي
عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت روبوٽ ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ وڃي رهي آهي، ڇا اهي انهي کي استعمال ڪري سگهندا؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته حڪومت سوچي سمجهي فيصلو ڪيو هوندو، جنهن تي عدالت چيو ته ربورٽ هلائڻ ۽ انهن جي رپيئرنگ ڪرڻ (مرمت) واري ٽيم ئي موجود ناهي، صحت کاتي جو اڌ کان وڌيڪ بجيٽ ربورٽن جي خريداري ۾ خرچ ٿيڻ وڃي رهي آهي، الائي ڇو بيوروڪريسي پنهنجو ڪردار ادا ڇو نٿي ڪري؟ ڇا انهن جو ضمير ناهي، جيڪو ڪو ڪامورو مزاحمت ٿو ڪري ته اهو سيٽ تي نٿو رهي، هتي اهي ڪم ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ ڪو مفاد هجي، عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو گاڏي خريد ڪري ۽ ان کي ڊرائيونگ به نه ايندي هجي ۽ اهو ڊرائيور به رکي ته ان جو ڇا مقصد آهي؟
جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اهو گاڏي هلائڻ جي خواهش رکندو هوندو،عدالت چيو ته نه انهي جو مقصد دولت کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ آهي عدالت چيو ته صحت کاتي ڪافي عرصي کان 700 ڊائلاسز مشينون خريد ڪيون ويون آهن پر اهي تالي ۾ بند پيل آهن سنڌ ۾ سڀ ڪم ايئن ئي ٿي رهيا آهن،عدالت صحت واري سيڪريٽري ريحان بلوچ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان سرجري لاءِ ربورٽ خريد ڪرڻ وڃي رهيا آهيو، اوهان وٽ ڊائلاسز جون ڪيتريون مشينون آهن؟ جنهن تي صوبائي سيڪريٽري چيو ته هن وقت مون وٽ صحيح تعداد موجود ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان وٽ 6 سئو مشينون آهن، سنڌ حڪومت وٽ انهن ڊائلاسز مشينن هلائڻ لاءِ ڪو تربيت يافته ماڻهو آهي؟ عدالت چيو ته سنڌ جي هر تعلقي ۾ ڊائلا سز مشينون هجڻ کپن، توهان سڀ ڪجهه ڊاڪٽر اديب رضوي تي ڇڏي ڏنو آهي عدالت چيو ته سنڌ ۾ ڪيتريون ڊائلاسز مشينون آهن؟ اهي ڪڏهن خريد ٿيون؟ انهن لاءِ ڪيترو عملو مقرر ٿيل آهي؟سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن.
اوهان ته وزير آهيو، اسان اوهان کي گهرايو ناهي( عدالت)، ڄام خان شورو فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين طور پيش ٿيو آهي: وڪيل
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو کان سوال ڪندي چيو ته توهان ته وزير آهيو، اسان اوهان کي گهرايو ناهي، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڄام خان شورو فوڊ اٿارٽي جو چيئرمين هئڻ ناتي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي.
هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي دوران سنکئي جو ذڪر: 17 ضلعن جي نشاندهي
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي دوران سنکئي جو ذڪر پڻ ٿيو، اڳ ۾ ٺهيل واٽر ڪيمشن ۾ سنڌ جي 17 ضلعن جي جر ۾ سنکيو هجڻ جي نشاندهي ڪئي هئي