وڏي وزير پاران پنوعاقل ۾ معصوم ٻارڙي جي اغوا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

مَي 15, 2024

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پنوعاقل ۾ گهر اندر ڌاڙي دوران معصوم ٻارڙي محمد حسن آرائين جي اغوا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، وڏي وزير آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪري سوال ڪيو ته گهر ۾ ڌاڙو لڳڻ وقت پوليس ڇا ڪري رهي هئي؟ مون ڪيترائي ڀيرا هدايتون ڏنيون آهن ته پوليس جو گشت وڌايو وڃي، فوري طور ٻار کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، وڏي وزير ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو، پنوعاقل ۾ گهر مان ٻار جي اغوا خلاف ٻئي ڏينهن به جزوي هڙتال، شهرين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ اڳواڻن پاران ٻار جي فوري بازيابيءَ جو مطالبو

Leave A Comment