ادارو رڳو آرمي چيف نه سڀني جو آهي، عدالت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ملڪگير احتجاج ڪنداسين: عمران خان
سيپٽمبر 5, 2024
راولپنڊي ( م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ملڪگير احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا، 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته ادارو سڀني جو آهي رڳو آرمي چيف جو نه، پوري قوم لاءِ اهم آهي ته ادارو مضبوط ٿئي، جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو اِهو هو پاڻ ڪري اداري کي نقصان رسائي رهيا آهن، ادارن تي ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهو ويهاريا ويندا ته قوم تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته بنگلاديش جهڙي ٽيم به پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو ان کان بدترين شڪست ٻي ڪهڙي هوندي، اهڙو ڪهڙو ايٽم بم ڦاٽو جو ٽن سالن اندر اسان جي ڪرڪيٽ بنگلاديش کان هيٺ هلي وئي ۽ تباهه ٿي وئي؟ نيب ترميمن خلاف اپيل سبب شهباز شريف جا چار، نواز شريف جا پنج، زرداري ۽ سندن فرنٽ مينز جا نوَ ريفرنسز فريز آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته رڳو سپريم ڪورٽ ئي هڪ سڃاڻپ بچي آهي هاڻي هو ان کي تباهه ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي