ادارا پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويا، فيصلا ڪندڙن کي ملڪ جي ڳڻتي ناهي: عمران خان

آگسٽ 31, 2024

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پارٽي ڇڏيندڙن جي واپسي لاءِ پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جن ماڻهن ڏکيي وقت ۾ پارٽي ڇڏي انهن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، جن ماڻهن تي خاندان ۽ ٻارن سميت تشدد ڪيو ويو گهر ڀڳا ويا بليڪ ميل ڪيو ويو، انهن جو تعداد گهٽ آهي

اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ادارن کي پي ٽي آءِ ختم ڪرڻ تي لڳايو ويو آهي، فيصلا ڪندڙن کي ملڪ جي ڪا به ڳڻتي ناهي. عوام کي سياسي پارٽيون ئي گڏ ڪري سگهن ٿيون فوج نه

عمران خان وڌيڪ چيو ته نالا ڪنهن جا به نه کڻندس، مون کي سڀ خبر آهي ته مشڪل وقت ۾ ڪير ڪير پارٽي ڇڏي ويو سٺي وقت ۾ جيڪي چارليز بڻيل هئا بري وقت ۾ اڪيلو ڪري ويا. بري وقت ۾ ساٿ ڇڏيندڙن جي هاڻي پارٽي ۾ ڪا به گنجائش ناهي. باني پي ٽي آءِ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جن ڏکيي وقت ۾ تشدد برداشت ڪيو پر پارٽي نه ڇڏي اهي نه گهٻرائين.

Leave A Comment