وياج شرح 2 سيڪڙوگهٽائي17.5سيڪڙو مقرر: مهانگائي 13.5 سيڪڙو رهندي: اسٽيٽ بينڪ

سيپٽمبر 13, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو گھٽتائي آڻي ڇڏي، جنهن بعد وياج جي شرح 19.5 مان  گهٽجي 17.5 سيڪڙو تي پهچي وئي. ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي موجب مانيٽري پاليسي ڪاميٽي (ايم پي سي) جي اجلاس ۾ اڄ 13 سيپٽمبر 2024ع کان پاليسي ريٽ 19.5 مان 200 بي پي ايس گهٽائي 17.5 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽي موجب گذريل ٻن مهينن دوران مهانگائي جي شرح ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي، اها 9.6 سيڪڙو تي پهتي آهي، عالمي سطح تي تيل ۽ کاڌي جي قيمتن ۾ لاٿ آئي، 3 سالن بعد  تيل جي في بيرل جو اگهه  70 ڊالرن تي پهتو آهي، ناڻي جا ذخيرا پڻ 9.5 ارب دالرن تي پهتل آهن، انهي باوجود پرڏيهي مٽاسٽا جي آمد ۽ قرض جي ادائيگي جاري رهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ-آگسٽ 2024 دوران ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي هدف کان گهٽ هئي. اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته مهانگائي جي صورتحال ۽ امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي ۽ اڄوڪي فيصلي کي مدنظر رکندي ايم پي سي جو اندازو آهي ته حقيقي وياج جي  شرح سود ڪافي مثبت آهي،  انهي سان مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين پهچائڻ ۾ مدد ملندي. مانيٽري پاليسي جي بيان ۾ اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ٻن مهينن دوران بنيادي ۽ هيڊ لائين ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي، مختصر مدي جي مهانگائي جو نقشو توانائي جي قيمتن ۾ تبديلي، عالمي شين جي قيمتن ۽ ٽيڪس قدمن جي مستقبل تي غير يقيني صورتحال آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024-25 ۾ سراسري مهانگائي 11.5 کان 13.5 سيڪڙو رهي سگهي ٿي، ٻئي طرف واپارين واري وفاقي چيمبر  جي صدر عاطف اڪرام چيو ته مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو پهچڻ جي صورت ۾ وياج جي شرح 7.9 سيڪڙو هجڻ گهرجي، هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ کي وياج جي شرح گهٽائي 12 سيڪڙو ڪرڻ کپي ها.

Leave A Comment