وياج شرح ۾ هڪ سيڪڙو لاٿ، 19.5 سيڪڙو مقرر: مهانگائي 13.5 سيڪڙو رهندي: اسٽيٽ بينڪ
جُولاءِ 30, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽس (هڪ سيڪڙو) گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وياج جي شرح 20.5 مان گھٽجي 19.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس ذريعي مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته وياج جي شرح گھٽائي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گھٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 کان گھٽجي 12.06 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اڃا به مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، هن چيو ته مُلڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، مهانگائي شرح 23.4 سيڪڙو تي هئي، ايندڙ سال مهانگائي جي شرح 11.5 کان 13.5 سيڪڙو تائين رهندي. جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ جي ڊي پي نمو 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهندي. هن چيو ته امپورٽ بِل ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار مالي سال 2024 ۾ 2.2 ارب ڊالر جو منافعو کڻي ويا آهن. مالي سال 2023 ۾ پرڏيهي سيڙپڪار 30 ڪروڙ ڊالر جو منافعو کڻي ويا هئا. هن چيو ته پرڏيهي ادائگين جي باوجود به ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، هن ا چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو زيرو کان هڪ سيڪڙو تائين رهندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 4 ارب ڊالر کان گھٽ رهندو. هن چيو ته مالي سال 2024 ۾ پرڏيهي ادائگين جا 24.5 ارب ڊالر وقت تي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ 26.20 ارب جون پرڏيهي ادائگيون ڪيون ويون. مجموعي ادائگين ۾ 4 ارب ڊالر وياج ۽ 22 ارب اصل آهن. مجموعي ادائگين ۾ 16.3 سيڪڙو ڪمرشل ۽ 2 طرفه رول اوور هوندا. واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ پاران جون مهيني ۾ وياج جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو گھٽتائي ڪئي هئي جنهن بعد وياج جي شرح 22 کان گھٽجي 20.5 سيڪڙو هئي، جنهن ۾ ڪالهه ٻيهر هڪ سيڪڙو گھٽتائي ڪرڻ بعد وياج جي شرح 19.5 ٿي وئي.