وياج شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو گھٽتائي، 22 مان 20.5 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان: بجيٽ بعد مهانگائي وڌندي :اسٽيت بينڪ
جُون 11, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اسٽيٽ بينڪ پاران ِ وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو گھٽتائي جو اعلان، شرح 22 کان گھٽائي 20.5 سيڪڙو ڪئي وئي. ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪاميٽي وياج جي شرح ۾150 بيس پوائنٽس جي گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، مانيٽري پاليسي موجب 25 جون 2023ع تي 22 سيڪڙو تائين وڌايل وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو تائين جي گھٽتائي آڻي نئين شرح 20.5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. مانيٽري پاليسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ چيو ويو ته فيبروري مهيني کان مهانگائي ۾ گھٽتائي آئي آهي، مئي مهيني ۾ مهانگائي گهٽجي 11.8 سيڪڙو تي بيٺي، سخت مالياتي پاليسي ۽ کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي، اسٽيٽ بينڪ موجب سخت مانيٽري پاليسي جي تسلسل ۽ ڪڻڪ توڙي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي تي به ضابطو آيو آهي، اها سيپٽمبر 2025ع تائين وڌيڪ گهٽجي 5 کان 7 سيڪڙو تي پهچندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرڪار پاران کڄندڙ بجيٽ قدمن، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب جولاءِ 2024ع کان ناڻي واڌ ( مهانگائي) ۾ واڌ جو خطرو آهي. ٻئي طرف ڪراچي چيمير آف ڪامرس سميت واپاري تنظيمن وياج جي شرح ۾ تازي گهٽتائي کي رد ڪندي چيو آهي ته وياج جي شرح گهٽائي اڪي انگ (سنگل ڊجٽ) ۾ ڪئي وڃي، هنن چيو ته ڀارت، بنگلاديش، سري لنڪا، افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ وياج جي شرح 9 سيڪڙو کان گهٽ آهي، اتي بجلي ۽ گيس به سستيون آهن، اسان موجوده صورتحال ۾ ايڪسپورٽ جي ميدان ۾ ايشيائي ملڪن سان مقابلو ڪري نٿا سگهون.