International Day of Action for Rivers … سنڌو درياهه ۽ ان جي ڊيلٽا جو تحفظ … انجنيئر اوڀايو خشڪ

                 اڄ 14 مارچ تي دنيا ۾ دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دنيا ۾ هڪ اندازي مطابق 300 کن درياهه آهن. وڏڙن جو چوڻ آهي ته، ”ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي.“ ان جو مقصد آهي ته هر ڪوئي پنهنجي گهر جي پرگهور لهي. اسان وٽ به دنيا جي وڏن دريائن ۾ شمار ٿيندڙ سنڌو درياهه موجود آهي. اڻھيء موقعي اسان کي پنھڻجي درياھ جي پرگھور لهڻ کپي. سنڌو درياھ جو وجود 5 ڪروڙ سال پهرين چيو وڃي ٿو. اندازن 1000 کان 1500 ق- م ۾ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي لکجندڙ ويدن ۾ سنڌو درياهه جو ذڪر 176 ڀيرا ٿيل آهي ۽ سنڌو درياهه کي دريائن جو مهندار لکيو ويو آهي. سنڌو درياهه هڪ دريائي سلسلي جو نالو آهي، جنهن ۾ 20 کن ٻيا درياهه، رگ ويد مطابق ائين اچي شامل ٿيندا آهن، جيئن سوائون ڳئون شام جو وٿاڻ تي ڊوڙنديون اينديون آهن.

                 سنڌو درياهه جي ڪري دنيا جي وڏين سڀيتائن ۾ شامل  سنڌو سڀيتا جنم ورتو. سنڌو درياهه تي دنيا جو پنجون وڏو  انڊس ڊيلٽا ۽ دنيا جو ستون وڏو تمر جي وڻن جو ٻيلو پڻ موجود آهي. سنڌو درياهه جيڪو ڪنهن وقت ۾ پنهنجي قوهه جوانيءَ جي عروج سان وهندو، برصغير جي هڪ وڏي علائقي کي سر سبز ۽ شاداب ڪندو رهيو هو. انهيء جي جواني ڪنهن ڪام ديو لٽي ورتي. اٽڪل ڏيد صدي پهرين انگريز سرڪار سنڌو درياهه تي ڏانوڻ وجهڻ شروع ڪيا. انگريز سرڪار پنهنجي دؤر ۾ پنجاب ۾ 8 ڪئنال ڪالوينون قائم ڪيون. ائين سنڌو درياهه سرشتي جو پاڻي روڪي پنجاب ۾ لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪئي وئي. اهو سلسلو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڄ تائين نه صرف جاري آهي، پر ان ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. انهيء جو نتيجو سنڌو درياهه جو حال هڪ اهڙي تيل ختم ٿيل ڏيئي جھڙو آھي، جنهن جي وٽ آخري پساھ کڻي رهي هجي. اچو ته سنڌو درياهه جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ نظر وجهون.

سنڌو درياهه جو ماضي.:

اهو چيو وڃي ته ڪنهن وقت ۾ سنڌو درياهه 150 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻيءَ سان گڏ 500 ملين ٽن لٽ جا کڻي اچي سمنڊ سان ملندو هو. ويجهي ماضيءَ ۾ 1947ع جي مليل انگن اکرن مطابق، ڊيلٽا ۾ 73 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ سان گڏ 225 ملين لٽ ايندي هئي. 1991 کان 2003 تائين 35 ملين ايڪڙ فوٽ سان گڏ 36 ملين ٽن لٽ ڊيلٽا ۾ وئي آهي. ھاڻي اهو حال آھي جو صرف سانوڻي موسم ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي وڃي ٿو، باقي سڄو سال درياھ ۾ واري اڏامندي نظر ايندي آھي.  انهيء گهٽتائيءَ جو سبب مٿي ذڪر ڪيل ڪئنال ڪالونيز،  1960ع وارو سنڌ طاس معاهدو ۽ 1991ع وارو پاڻي ٺاھ آهي. عالمي اصولن مطابق دريائن جو پاڻي ورهايو ويندو آهي پر سنڌ طاس معاهدي ۾ درياھ ورهايا ويا.

سنڌو درياهه جي موجوده حالت:

1991ع ۾ صوبن ۾ ٿيل ٺاهه هيٺ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايو ويو آهي. انهيء ٺاهه تي صرف 3 سال ٺاهه جي شق 2 تحت صوبن کي مقرر ٿيل پاڻي ڏنو ويو. 1994ع کان پوءِ پنجاب اهو چئي ته دريائن ۾ ٺاهه کان گهٽ پاڻي اچي رهيو آهي، انهيء ڪري ٺاهه تي عمل ڪرڻ بجاءِ ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورهايو پيو وڃي، جنهن جو ٺاهه ۾ ڪو به ذڪر نه آهي. پاڻي کوٽ جي صورت ۾ ورهاست لاءِ شق 14 شامل آهي. هڪ  تحقيق مطابق سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ 1970ع کان 2010ع تائين اولهندي دريائن ۾ ايندڙ پاڻي 138 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.(اعجاز احمد)، 1970ع کان پوءِ مرڪزي حڪومت سنڌو دريائي سرشتي ۾ وڌ ۾ وڌ پاڻي روڪڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هن وقت ننڍا وڏا 72 ڊيم ٺهيل آهن، جيڪي سڀ پنجاب ۾ آهن. هن وقت به ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم ۽ مھمند ڊيم تي ڪم هلي رهيو آهي. ڊيمن ٺهڻ جو نقصان صرف ڊيم جي ديوارن تائين محدود نه هوندو آهي. ان مان ٺهندڙ بجلي کي ملڪ جي مختلف گرڊ اسٽيشنن سان ملائڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪرايا ويندا آهن، اهي پڻ عام ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا. هتي صرف داسو ڊيم جي حوالي سان ڪجهه انگ اکر شامل ڪجن ٿا. داسو ڊيم مان ٺهندڙ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هاءِ ٽرانسميشن لائين وڇائي پئي وڃي. اها لائين اٺن ضلعن اپر ڪوهستان، لوئر ڪوهستان، شانگلا، اٽڪ، بلگرام، هريپور، مانسهره ۽ ايبٽ آباد مان گذرندي. انهيء لائين جي ڪري انهن ضلعن جي 2349 ايڪڙ زرعي زمين، 372 ايڪڙن تي ٻيلا ۽ 1088 خاندان متاثر ٿيندا. هي ته اهي نقصان آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن لاءِ ٿي سگهي ٿو ته سرڪار انهن کي ڪو معاوضو ڏي، پر ڊيمن جي ڪري اڻ ڏٺل نقصان پڻ ٿين ٿا، جنهن جي پورائي لاءِ سرڪاري منصوبن ۾ ڪابه گنجائش نه هوندي آهي. مثال طور: بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ درياهه جو رخ موڙيو ويندو آھي ۽ اٽڪل 30-25 ڪلوميٽرن کان پوءِ وري اهو پاڻي درياهه ۾ واپس ڇڏيو ويندو آهي. درياهه جي رخ موڙڻ واري هنڌ کان ٻيهر پاڻي درياهه جي ڇوڙ ڪرڻ واري هنڌ تائين درياهه جي ايڪالاجي تباهه ٿي ويندي آهي. اهڙي درياهه ۾ عام حالتن ۾ شهرن جي گندي پاڻي ۽ زرعي زمين جي زهر سان ڀريل پاڻي هوندو آهي. انهيء ڪري ان ۾ ڪا به ساهدار شئي زندهه نه رهي سگهندي. ائين انهيء علائقي جا رهواسي ۽ انهن جو چوپايو متاثر ٿئي ٿو. ٻي طرف ڊيم جي هيٺين پاسي پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي ڪري زرعي اپت پڻ متاثر ٿئي ٿي. سڀ کان وڏو نقصان سنڌ ۽ انڊس ڊيلٽا جو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ گهٽ پاڻي اچڻ ڪري درياهه تي قائم 88000 ايڪڙن تي بيلا ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪچي جون 95000 ايڪڙ زرعي زمينون پڻ بنجر ٿي ويون آهن.  ٻيلا ختم ٿيڻ ڪري جھنگلي جيوت ختم ٿي وئي آهي. گڊو ۽ سکر بئراج وچ ۾ انڌي ٻلھڻ جو نسل ختم ٿي رهيو آهي. ائين نه صرف سنڌو درياهه جي ايڪالاجي تباهه ٿي آهي، پر ان سان سنڌ جي ماحوليات ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ جو مقدار وڌڻ سان گڏ سنڌ جي خاص ڪري بهراڙين جي معيشت سخت متاثر ٿي آهي. ڊيلٽا ۾ غربت سٺ سيڪڙو آھي.

موسمي تبديلي جي ڪري ۽ 1991ع واري ٺاهه تي من و عن عمل نه ڪرڻ ڪري سنڌ کي خريف جو پاڻي ء خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج تي 2018ع کان وٺي جولائي ۾ ملندو آهي. جيئن ته جولائي ۾ برساتون پونديون آهن ۽ انهن برساتن ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ مجبوري هوندي آهي. انهيء موقعي تي پنجاب مان اهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته سنڌ وارا پاڻي ضائع ڪري رهيا آهن، انهيء ڪري نوان ڊيم ٺاهيا وڃن.

موسمي تبديليءَ جي ڪري گذريل سال جڏهن وڏي عرصي کان پوءِ راوي ۽ ستلج درياهه ۾ پاڻي آيو ۽ اهو سمنڊ ۾ ويو ته پنجاب حڪومت ۽ عوام طرفان اهو تاثر ڏنو ويو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته اهو پاڻي ضائع نه ٿئي ها.

انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اتي قائم دنيا جو ستون وڏو تمر جي وڻن جو ٻيلو 564000 ايڪڙن مان گھٽجي ٻه لک ايڪڙ بچيو آھي. اها حقيقت آهي ته تمر جو وڻ عام وڻن کان وڌيڪ  ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ جذب ڪري ٿو. تمر جي ٻيلن ۾ گهٽتائي ڪري ماحولياتي بگاڙ پيدا ٿي ويو آهي ۽ سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي. حڪومت پاڪستان جي هڪ رپورٽ مطابق انڊس ڊيلٽا جو 92 سيڪڙو سمنڊ پائي ويو آهي. عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري حڪومت کي هر سال 2 ارب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. آئي يو سي اين جي هڪ رپورٽ مطابق، سنڌو ڊيلٽا مان ڏهه لک ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي آهي. لڏ پلاڻ جو مکي سبب ڊيلٽا ۾  مٺي پاڻي نه اچڻ ۽ سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار جي کوٽ آهي.

سنڌو درياهه جو مستقبل:

آمريڪي پروفيسر لارينس سمٿ جي تحقيق مطابق، ايندڙ صديءَ ۾ سنڌو درياھ سميت دنيا جا اٺ وڏا درياهه مري ويندا. آمريڪن جيالاجيڪل سوسائٽي پنهنجي هڪ تحقيق ۾ انڊس ڊيلٽا کي مرده ڊيلٽا قرار ڏنو آهي. موسمي تبديلي ڪري اترين علائقن خاص ڪري ڪشمير، اسڪردو، گلگت ۾ 31 ڊسمبر کان 29 جنوري تائين جيڪا برف باري ٿيندي هئي، اها هاڻي ٽن سالن کان فيبروري ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا ڪچي هئڻ ڪري. ٿوري گرمي ڀد وڌڻ ڪري جلدي ڳري ويندي آهي. انهيء جو ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن. اها مستقبل لاء خوش آئند صورت حال نه آھي.

آخر ڇا ڪجي:

سنڌو درياھ ۽ انڊس ڊيلٽا جي اها حالت ملڪي پاڻي پاليسي ٺاهيندڙن جي مھرباني آھي. جن کي رڳو اقتصادي فائدا نظر اچن ٿا پر سماجي ۽ ماحولياتي نقصان نظر نٿا اچن. انھيءَ ڪري جيستائين پاڻي پاليسي ٺاهيندڙن جي سوچ ۾ ڪا بنيادي تبديلي نٿي اچي ۽ زراعت ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاء پاڻي ذخيرا ٺاهڻ ۽ دريائن جي رخ موڙڻ جي بجاء، جديد سائنسي بنيادن تي ڪا سماجي- ماحولياتي (socio ecological) دوست پاليسي نٿي ٺاهي وڃي، ان وقت تائين سنڌو درياھ ۽ انڊس ڊيلٽا جي حالت سڌرڻ بجاء ويتر خراب ٿي ويندي.

سنڌو درياهه ۽ انڊس ڊيلٽا کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته هيٺيان اپاءُ فوري طور تي ورتا وڃن:

سنڌو درياهه کي انساني حق ڏنا وڃن.

سنڌو درياهه تي اڏيل تمام رڪاوٽون ختم ڪري ان کي آزاد وهڻ ڏنو وڃي.

موجوده آبپاشي نظام جي جاءِ تي دنيا ۾ رائج جديد  آبپاشي نظام رائج ڪيو وڃي.

انڊس ڊيلٽا ۾ ڊيلٽا ڊيولپمنٽ بورڊ ٺاهي، ان جي ذريعي ڊيلٽا ۾ تمر جا ٻيلا پوکڻ ۽ سياحتي مرڪزي قائم ڪيو وڃي. ان ۾ مقامي ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن هنن کي گذر سفر جو وسيلو ميسر ٿئي.

ماهرن جي سفارش مطابق انڊس ڊيلٽا لاء ماحولياتي وهڪرن کي قانوني حيثيت ڏني وڃي.

موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاء ´´لونگ انڊس“ منصوبي تي فوري عمل ڪيو وڃي.