“انٽرنيٽ نه بند نه ئي سست ڪئي، وي پي اين مسئلو ڪيو” حڪومت واهپيدارن کي ئي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
آگسٽ 19, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه انٽرنيٽ جي بندش ۽ رفتار گهٽ ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته وي پي اين (ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ) جي وڌندڙ استعمال سان مسئلو ٿيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شزا فاطمه چيو وزيراعظم جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري اچي، شهباز شريف نيشنل ڊجيٽلائيزيشن ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪس ٺهندا، گوگل ۽ ميٽا کان ٻارن کي سرٽيفڪيٽ ڏيارينداسين. هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ هڪ ٻار هيلمٽ ٺاهيو، جيڪو ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ آهي، هڪ ٻار دستانا ٺاهيا، هڪ ٻارڙي ڊرون ٺاهيو، هڪ ارب رپين سان برج اسٽارٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اسٽارٽ اپ فنڊ قائم ڪيو ويندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه چيو ته قسم کڻي چوان ٿي ته پاڪستان حڪومت نه ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ڪئي آهي ۽ نه ئي انٽرنيٽ جي رفتار سلو ڪئي آهي، پاڪستان ۾ وي پي اين جي وڌيڪ استعمال سبب انٽرنيٽ جي اسپيڊ متاثر ٿي، پر هاڻي اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي. اندازو آهي ته انٽرنيٽ جي حوالي سان عوام ۾ ڪاوڙ آهي، ڪجهه ايپس تي ڊائون لوڊنگ نه ٿي رهي هئي، ماڻهن وي پي اين استعمال ڪئي، وي پي اين آن ڪرڻ سان فون سلو ٿي ويندي آهي جڏهن گهڻي تعداد ۾ ماڻهو وي پي اين استعمال ڪندا آهن ته انٽرنيٽ جي اسپيڊ تي اثر پوندو آهي، انٽرنيٽ جو مسئلو وي پي اين سبب ٿيو، پي ٽي سي ايل ڪيبل ۾ فالٽ سبب به انٽرنيٽ جو مسئلو ٿيو، پاڪستان ۾ حڪومت ڪنهن جي نگراني نه ڪري رهي آهي، سوشل ميڊيا تي هراساني روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اهي قدم عوام جي سيف ايند سيڪيور انٽرنيٽ مهيا ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. سڄي پاڪستان ۾ 250 اي روزگار سينٽرز قائم ڪيا ويندا، آءِ ٽي پاليسي جلد منظر عام تي اچي ويندي، 5 جي اسپيڪٽرم جي نيلامي به جلد ٿيندي، انٽرنيٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ 4 نيون ڪيبلز آڻي رهيا آهيون، جڏهن اهي ڪيبل اينديون ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي معياري سطح تي ملي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي روزگار، آءِ ٽي ٽريننگ لاءِ 4 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 45 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي رهيا آهيون. آءِ ٽي وزارت ٻارن کي ڪوڊنگ اسڪلز جي تربيت ڏئي رهي آهي، پنجن ٻولين ۾ ڪوڊنگ اسڪلز تي پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، پرائمري سطح کان اهڙا پروگرام شروع ڪيا ويندا. مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجا جو چوڻ آهي ته حڪومت آءِ ٽي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي معاملا جلد پيپر ليس ڪرڻ لا ڪم ڪيو پيو وڃي. معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ نيشنل ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. ان ڪميشن جي سربراهي پاڻ وزيراعظم ڪندو. ان حوالي سان قانوني مسودي جو ٽرافٽ تيار ڪري موڪليو ويو آهي