ايران حادثو: نجي ٽوئر آپريٽر پاران حادثي ۾ شهيد 28 ڄڻن جي فهرست جاري

آگسٽ 23, 2024

لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) ايران جي شهر يزد ۾ گذريل خميس رات سنڌ جي مختلف شهرن جي پانڌئيڙن جي بس سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 28 پانڌيئڙا شهيد ۽ 23 پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا هئا. ان حوالي سان چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي اربعين حسيني تي ڪربلا معلي عراق وٺي ويندڙ ٽوئر آپريٽر زوار سيد اطهر حسين شمسي طرفان شهيد ٿي ويل پانڌيئڙن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جا 10، ڪشمور جا 6، خيرپور ضلعي جا 4، قمبر شهدادڪوٽ جا 3، ڪراچي جا 2، ڄامشوري جا 2، دادو جو هڪ شهيد شامل آهي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي جي شهيدن ۾ لاڙڪاڻي شهر واسي ڪاشف علي شيخ، حبيب الله سومرو، وفا عباس ديناري، نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ جوڻيجا واسي آفاق احمد جوڻيجو، محسن علي جوڻيجو، لاهوري محلا واسڻ سلميٰ بيگم لنڊ بلوچ، ڳوٺ ڍڍرا واسي عمران علي ڪلهوڙو، سلمان مصطفيٰ شيخ، زاهد علي سومرو، امبرين شاهه، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي سعديه، ڪائنات، سيرت عباس شاهه، رستم علي، ريما، ڪرمان خاتون، خيرپور ضلعي واسي آصف علي، رخسانه پروين، محمد بخش خاصخيلي، اعجاز علي مڱڻهار، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي واسي منتظر مهدي، نسيم اختر کهاوڙ، رحمت خاتون مغيري، ڪراچي واسڻ ضميران قربان، جمشيد اقبال، ڄامشوري ضلعي واسي نور محمد کوسو، پروين لنجار ۽ دادو ضلعي واسي ظهير عباس ميمڻ شامل آهن.

پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو جي حادثي جي زخمين سان ملاقات

لاڙڪاڻو: ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو طرفان يزد جي اسپتال پهچي بس حادثي ۾ زخمي ٿيل سنڌ جي مختلف شهرن جي پانڌئيڙن سان ملاقات ڪري سندن جي عيادت ڪئي جتي پاڪستاني سفير زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي زخمي پانڌيئڙن سفير ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستاني حڪومت طرفان اسان جي سارسنڀال لهي اسان جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي گڏوگڏ اسين ايراني حڪومت ۽ عوام جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اسان کي اسپتالن ۾ داخل ڪرائي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر زخمي پانڌيئڙن سان ملاقات ڪندي چيو ته ناقابل صدمي دوران به توهان جي ايمان، صبر ۽ جرئت مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، پاڪستان جي حڪومت توڙي ايران ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانو اوهان جي گڏ آهي ۽ هن مشڪل گهڙي ۾ جي ڀرپور سار لهي بهتر کان بهتر علاج فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪثر نه ڇڏيو ويندو. ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو يزد اسپتال جي عملي جو پڻ شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان يزد اسپتال جي عملي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن زخمي پانڌيئڙن جو بيحد خيال رکيو آهي.

لاڙڪاڻو: وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي هدايتن تي پرڏيهي وزارت طرفان ايران جي شهر يزد ۾ اربعين ويندڙ قافلي جي بس ۾ سوار پانڌيئڙن سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويلن جا مڙهه خصوصي جهاز ذريعي ڏيهه آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي معاملن بابت ڪراچي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عرفان سومرو پنهنجي وڊيو بيان ۾ يزد واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يزد ۾ پيش آيل حادثي کان پوءِ پاڪستاني حڪومت، پرڏيهي وزارت ۽ اسان جي آفيس ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي مسلسل رابطي ۾ آهي، بس ۾ 51 پانڌيئڙا سوار هئا جن مان 28 پانڌيئڙن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، وزيراعطم شهباز شريف جي هدايتن تي شهيدن جا مڙهه خصوصي جهاز پاڪستان آندا ويندا، في الحال ڪجهه قانوني ۽ طبي گهرجون رهيل آهن، جيڪي گهرجون پوريون ٿيڻ بعد شهيدن جا مڙهه پاڪستان آندا ويندا، ان لاءِ شهيدن جي وارثن کي ايران وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڪوشش آهي ته جلد گهرجون پوريون ٿين ۽ شهيدن جا مڙهه پاڪستان آندا وڃن، ان لاءِ پاڪستان جي حڪومت، پرڏيهي وزارت ۽ اسان جي آفيس ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان مسلسل رابطي ۾ آهي، هي وڏو سانحو آهي جنهن ۾ شهيد ٿيل پانڌيئڙن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

ايران حادثي ۾ لاڙڪاڻي واسي فوتين جو انگ 8 ٿي ويو

لاڙڪاڻو: چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي اربعين حسيني تي ڪربلا معليٰ عراق ويندڙ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ پانڌيئڙن جي بس سان سانحي جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڍڍرا واسي عمران ڪلهوڙو جي وارثن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جنهن کان پوءِ حادثي ۾ شهيد ٿي ويل لاڙڪاڻي واسي پانڌيئڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي. هوڏانهن حادثي ۾ زخمي ٿيل لاڙڪاڻي شهر جي علي آباد محلا واسي حيدر کوسو، جمن کوسو ۽ رحمت پور پاڙي واسي راشد سومرو پڻ يزد جي اسپتال ۾ داخل آهن جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. جتان زخمي پانڌيئڙن پنهنجي وارثن سان رابطو ڪري کين پنهنجي صحت ۽ حادثي بابت آگاهي پڻ ڏني آهي. ٻئي پاسي حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪيترائي پانڌيئڙا پڻ يزد اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهن جن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  ايران حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ لاڙڪاڻي شهر شهر جي ڀينس ڪالوني واسي نوجوان زاهد سومرو به شامل آهي، جنهن جي وارثن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي تڏو وڇائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن امبرين شاھ ڌي مدد علي شاھ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن جو تڏو لاهوري محلا ۾ وڇايو ويو.

پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو جي ايراني صوبي يزد جي گورنر سان ملاقات

لاڙڪاڻو: ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو ايران صوبي جي يزد جي گورنر مهران فاطمي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سفير مدثر ٽيپو بس حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ميتون پاڪستان اماڻڻ سميت يزد اسپتال ۾ داخل زخمي پانڌيئڙن کي بهتر کان بهتر طبي امداد فراهم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ يزد جي گورنر مهران فاطمي پاڪستاني شهرين سان پيش آيل حادثي تي غيرمعمولي همدردي ۽ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوتين جي ميتين کي پاڪستان اماڻڻ توڙي زخمي پانڌيئڙن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.

Leave A Comment