ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم هائوس آمد، شهباز شريف سان ملاقات

اپريل 22, 2024

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو آهي، هي 2017ع کانپوءِ ڪنهن ايراني صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي

ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عام چونڊن کانپوءِ اوهان پهريون سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان اچي رهيو آهي، مون سميت پوري پاڪستاني قوم اوهان جي دوري کي ڀليڪار ڪري ٿي

ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

ايران جو صدر ابراهيم وزيراعظم هائوس پهتو، جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، جنهن بعد پاڪ فوج جي چاڪ ۽ چوبند دستن ايراني صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايراني صدر سان تعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ ايراني صدر ڌرتي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو

ان کان اڳ ايراني صدر پنهنجي گهرواري ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهتو، جنهن ۾ ايراني پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ واپاري به شامل هئا

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان پهچڻ تي وفاقي وزير رياض پيرزاده استقبال ڪيو

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب ايراني صدر ابراهيم رئيسي پنهنجي دوري دوران پاڪستاني هم منصب آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقاتون ڪندو

ايراني صدر سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان به ملاقات ڪندو جڏهن ته لاهور ۽ ڪراچي جو به دورو ڪندو جتي هو صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقاتن ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، عوام وچ ۾ رابطن، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو اهم موقعو فراهم ڪندو

واضح رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان ۾ عام چونڊن کانپوءِ ڪنهن به ملڪ جي سربراهه جو پهريون دورو هوندو

صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي خاص سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کان اڳ پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغموم گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

Leave A Comment