ايران جو سڄي دنيا ۾ اسرائيلي سفارتخانن تي حملن جو اعلان
اپريل 8, 2024
تهران (م ڊ) ايران سڄي دنيا ۾ اسرائيلي سفارتخانن کي پنهنجو ٽارگيٽ قرر ڏئي ڇڏيوآهي. ايراني فوج جي سربراهه چيف آف اسٽاف ميجر جنرل حمد حسين بعيري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شام ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جو جواب ڏنو ويندو،ايران پنهنجي رد عمل جو وقت ۽ طريقيو پاڻ طئه ڪندو. ميجر جنرل محمد حسين بغيري چيو ته شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو اسرائيل جو خودڪش مشن هو، ايران اهڙي جوابي ڪارروائي ڪندو جنهن بعد اسرائيل کي پنهنجي قدمن تي پچتاءُ ٿيندو. ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءُ واري وزير يواف گيلٽ جواب ۾ چيو آهي ته ايران جي طرفان هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هوڏانهن لبنان ۾ حزب الله اسرائيلي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو،