ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي نائب صدر محمد مخبر کي ملڪ جو وقتي صدر مقرر ڪري ڇڏيو
مَي 20, 2024
ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي نائب صدر محمد مخبر کي ملڪ جو وقتي صدر مقرر ڪري ڇڏيو
وقتي صدر محمد مخبر نئين صدر جي چونڊ لاءِ 50 ڏينهن اندر صدارتي چونڊون ڪرائڻ جو پابند هوندو
هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل صدر ابراهيم رئيسي اقتدار سنڀالڻ شرط آگسٽ 2021 ۾ محمد مخبر کي پنهنجو نائب صدر مقرر ڪيو هو، 68 سالن جي محمد مخبر کي سپريم ليڊر جو ويجهو ساٿي سمجهيو وڃي ٿو
ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد نائب صدر جي صدارت هيٺ ايراني حڪومت جو هنگامي اجلاس، هيليڪاپٽر حادثي بابت مختلف ادارن کان بريفنگ ورتي وئي