آبپاشي کاتي۾ قانون کان مٿانهان قدم،اسڪيمن جي منظور رقم کان 38سيڪڙو وڌيڪ خرچڻ جو انڪشاف

سيپٽمبر 13, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) آبپاشي کاتي جي آفيسرن پاران ترقياتي ڪمن اسڪيمن جي بنا ٽيڪنيڪي منظوري وٺڻ جي منظور ٿيل رقم کان 30 سيڪڙو وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي مينوئل موجب ڪنهن به اسڪيم جي منظور ٿيل رقم کان 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رقم خرچ ٿيڻ جو امڪان هجي ته هڪ نظرثاني ڪيل ڪاٿو لازمي جمع ڪرائڻ گهرجي پر آبپاشي کاتي جي ڪامورن ڄاڻايل قانونن کي باءِ پاس ڪندي بغير منظوري جي منصوبن تي 14 کان 38 سيڪڙو تائين اضافي خرچ ڪري ڇڏيا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب آبپاشي کاتي جي آفيسرن مالي سال 21-22-2023ع ۾ اڪثر اسڪيمن تي واڌو خرچ ڪري منظوري کانسواءِ هڪ ارب 22 ڪروڙ 70 لک رپين جي اضافي رقم خرچ ڪئي آهي. دستاويزن موجب ايگزيڪيوٽو انجنيئر بيگاري بند ڊويزن سکر پاران مالي 21-2022ع ۾ 10 ڪروڙ 25 لک رپين جي لاڳت واري منصوبي تي هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا اضافي خرچ ڪيا. ساڳي طرح ڄاڻايل سالن ۾ سيڪريٽري آبپاشي به 7 ڪروڙ 60 لک رپين جي لاڳت وارن اسڪيمن تي 9 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا. ٻئي طرف ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊويزن ميرپور ساڪرو پاران مالي سال 22-2023ع ۾ هڪ ارب 66 ڪروڙ رپين وارن منصوبن تي 18 ڪروڙ 90 لک رپيا اضافي خرچ ڪيا جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر نصير ڊويزن حيدرآباد به ڄاڻايل مالي سالن دوران مختص ڪيل لاڳت کان 40 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو. ٻئي طرف ايگزيڪيوٽو انجنيئر اسمال ڊيمز ننگرپارڪر ڊويزن پاران به مالي سال 22-2023ع ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ رقم اسڪيمن جي منظور ڪيل ڪاٿي خرچ ڪئي وئي جڏهن ته ٻوڏ ايمرجنسي جي تعمير نو پراجيڪٽ کي مالي 22-2023ع دوران 7 ڪروڙ 70 لک رپيا اضافي خرچ ڪيا ويا. ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميرپورخاص ڊويزن پاران به ڄاڻايل سالن جي اسيڪمن جي منظور ڪيل رقم کان 40 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

Leave A Comment