آءِ ايس آءِ ۽ انتظاميا تي عدليه ۾ مداخلت جو الزام: وڊيوز ٺاهي، ڌمڪائي دٻاءُ وڌو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو خط

مارچ 27, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن ايگزيڪيٽو ۽ ايجنسين جي عدليه ۾ مبينا مداخلت تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو. خط تي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس ثمن رفعت  سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جون خط تي صحيون ٿيل آهن. خط جي ڪاپي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي اماڻي وئي آهي

خط ۾ خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسين جي مداخلت جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ججن تي اثر انداز ٿيڻ جي معاملي تي جوڊيشل ڪنوينشن گھرايو وڃي، ان سان عدليه ۾ ايجنسين جي مداخلت جي باري ۾ معلومات سامهون ايندي، عدليه جي آزادي جي باري ۾ وڌيڪ مدد ملندي. خط لکندڙ ججن پاڻ تي دٻاءُ جي ڪوششن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي 2023ع ۽ 2024ع ۾ لکيل خط به شامل ڪيا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ پاران ججز تي مسلسل دٻاءُ جو معاملو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سامهون اٿاريو جنهن تي هن چيو ته هي معاملو هو ڊي جي آءِ ايس آءِ سامهون اٿاري چڪو آهي ۽ هن اڳتي ايئن نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي پر ان باوجود آءِ ايس آءِ پاران مداخلت جاري رهي

گڏيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر چيف جسٽس عامر فاروق سان اختلاف ڪندي عمران خان خلاف ٽيريان وائيٽ ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو هو، جن ججن اختلاف ڪندي فيصلو ڏنو انهن تي آءِ ايس آءِ پاران ججن جي خاندان ۽ دوستن تي دٻاءُ وڌو ويو،سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٽيريان وائٽ ڪيس جو فيصلو ڏيندڙ ٻن ججن پنهنجي رهائشگاهه تي اضافي سيڪيورٽي گهري، هڪ جج کي دٻاءُ سبب هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو، اهو معاملو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ 2مئي 2023ع تي ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سامهون به رکيو ويو هو. خط ۾ ججن رهنمائي گهري آهي ته ايجنسين سوڌو انتظاميا پاران عدليه ۾ مداخلت تي ڌمڪين تي ردعمل ڏيڻ ۽ ان کي رپورٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ جج جي ڪهڙي ذميواري ٺهي ٿي، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته انڪوائري ڪرائي وڃي ته ججز کي بليڪ ميل ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ، سياسي نوعيت جي فيصلن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪا پاليسي موجود آهي، خط ۾ ڪجهه واقعن جو حوالو به ڏنو ويو جنهن ۾ ڪجهه ججن کي ايجنسين ذريعي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دوستن ۽ رشتيدارن ذريعي دٻاءُ وڌو ويو، هڪ جج کي مائٽ کي 24 ڪلاڪ تائين اغوا رکيو ويو، جج تي دٻاءُ وڌو ويو، سندس خاندان جي نگراني ڪئي وئي، پٽ جي نگراني به شامل آهي، ماتحت عدليه جي ججن کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون، هڪ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، گهر تي ڪريڪر حملو به ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي سرڪاري رهائشگاهه تي مرمت دوران لائيٽ هٽائڻ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ان ۾ ڪيمرا لڳل هئي، گڏ هڪ سم ڪارڊ به لڳل هو، جنهن ذريعي جج جي ڊرائنگ روم جي آڊيو ۽ وڊيو ٺاهي منتقل ڪئي پئي وئي، اهڙي هڪ ڪيمرا جج جي گهر جي ماسٽر بيڊروم ۾ به لڳائي وئي هئي، اها ڪيمرا برآمد ڪئي وئي ته ان سان گڏ يو ايس بي لڳل هئي جنهن ۾ جج ۽ فيملي ميمبرن جون پرائيويٽ وڊيو موجود هيون، خط ۾ جسٽس شوڪت صديقي ڪيس جو به ذڪر ڪيو ويو

Leave A Comment