پريا ڪماري زنده آهي يا نه؟ خبر ناهي: جڏهن ڪاروبار هلندو آهي ته پوءِ ڏوهه به ٿيندا آهن: گهرو وزير

اپريل 1, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ حڪومت طرفان عيد بعد ڪچي ۾ وڏي آپريشن جو اعلان، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ وڌيڪ 2 هزار نفري ۽ ايس ايس يو جا ڪمانڊوز مقرر ڪرڻ جو فيصلو، علائقن ۾ ڏوهه ٿيڻ جي صورت ۾ ايس ايچ اوز سميت اعليٰ آفيسرن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. ڪالهه بلاول هائوس جي ميڊيا سيل  ۾ گهرو وزير ضياء الحسن لنجار ۽ سعيد غني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي پر ميڊيا ۾ انهي کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي. اسان سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري ڏيکارينداسين، هن چيو ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ امن امان جا مسئلا آهن. هن چيو ته ملتان _سکر موٽر وي بند ناهي، شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي جا ايس پي بدلي ڪيا ويا آهن، ڪچي ۾ ڪشمور پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، ايس ايس پي ڪشمور پاڻ ڪچي ۾ موجود آهي، شهيد استاد الهه رکيو جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ سندن مائٽن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اصل جوابدار جي گرفتاري تائين کين حراست ۾ رکيو ويندو. هن چيو ته  يقين ڏياريان ٿو ته سنڌ ۾ مڪمل امن بحال ٿيندو، امن امان جي قيام لاءِ پوليس اهلڪارن قربانيون ڏنيون آهن، پوليس جو مورال بلند ڪيو وڃي ته جيئن اها ڪچي ۾ وڙهي سگهي، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ هڪ هزار پوليس اهلڪار موڪلي رهيا آهن. ڪشمور ضلعي ۾ به هڪ هزار اهلڪار ۽ ايس ايس يو ڪمانڊوز  مقرر ڪريون پيا. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي، 2008ع کان 2013ع تائين جيڪا صورتحال هئي، اها هن وقت ناهي، ميڊيا ۾ اهو معاملو گرم آهي پر اهو زندگي جو ڪاروبار آهي، جڏهن ڪاروبار هلندو آهي ته پوءِ ڏوهه به ٿين ٿا. آئون اسٽريٽ ڪرائيم ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون  وارداتون جلد ختم ٿي وينديون، هن چيو ته مون آءِ جي کي چيو آهي ته هاڻ  جتي به واقعو ٿيندو. اتان جي ايس ايچ او کي سزا ملندي، معاملو رڳو ايس ايچ او تائين محدود نه رهندو. نگراني ڪندڙ آفيسرن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اهڙو مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن هيٺ  جاچ آفيسر وٽ ڏهن کان وڌيڪ ڪيس نه هجڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ لاءِ پراسيڪيوشن ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪرڻيون آهن، انهي لاءِ جلد چيف جسٽس سان ملاقات ڪندس، پريس ڪانفرنس ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار پريا ڪماري جي زنده هئڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا، صحافين جي سوالن تي هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پريا ڪماري زنده آهي، ڪجهه چون ٿا ته زندهه ناهي، هن چيو ته الله ڪري ته پريا ڪماري زنده هجي، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ شامل هوندا، ماضي ۾ پريا ڪماري معاملي جي جاچ ڪندڙ آفيسرن کان جاچ دوران ڪجهه جهول رهجي ويا، پريا ڪماري جي اغوا معاملي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين.

Leave A Comment