اسلام آباد: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ملتوي

مَي 15, 2024

پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري جو نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد ٽرائل ڪورٽ آڏو ڪوڙ ڳالهايو، مفتي سعيد پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو هو ته عورت جي پنهنجي عدت بابت گواهي حتمي هوندي آهي، مفتي سعيد بعد ۾ ٽرائل ڪورٽ آڏو پهرين موقف تان ڦري ويو، بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا به پي ٽي آءِ باني جي نڪاح بابت ڪوڙ ڳالهايو: پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جا اسلام آباد جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري جي عدت ڪيس ۾ سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران دليل، وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت جي اجازت سان مفتي سعيد جو پراڻو وڊيو بيان به هلائي ڏيکاريو، سلمان اڪرم راجا چيو ته هي وڊيو ڏيکارڻ جو مقصد مفتي سعيد جي ڪردار کي سامهون آڻڻ هو، اهڙي شخص کي مفتي چوڻ تي دل نه ٿي چوي، خاور مانيڪا به پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي نڪاح کي پهرين جائز قرار ڏنو هو، خاور مانيڪا گرفتار ٿيڻ کانپوءِ آزاد ٿيڻ تي پنهنجو موقف تبديل ڪيو، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment