رئوف حسن رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي: تحريڪ انصاف رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ ملوث آهي: گھرو وزارت
جُولاءِ 23, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻين گرفتار مرد ڪارڪنن کي به ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور، عورت ڪارڪنن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي ڇاپي دوران گرفتار سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن ۽ ٻين پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شآهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران لطيف کوسو چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت چيو آهي ۽ حڪومت پي ٽي آءِ کي دهشتگردي قرار ڏئي رهي آهي. ماضي ۾ بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، فاطمه ڀٽو کي غدار چيو ويو. باني تحريڪ انصاف کي غدار چيو پيو وڃي. ڪنهن کي غداريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو ڪو به حق ناهي. حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. رئوف حسن جو ميڊِيا سيل سان ڪو به تعلق ناهي. ان جي گرفتاريءَ سان تحريڪ انصاف تي پريشر وجهڻ رئوف حسن کي ڊجيٽل دهشتگردي ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. علي بخاري چيو ته موبائيل فون استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي؟ ڇا رئوف حسن پنهنجي اڪائونٽ مان ڪو ٽوئيٽ ڪيو؟ ايف آءِ اي ڇو وڌيڪ رمانڊ گهري رهي آهي؟ رئوف حسن کان ڪو بم برآمد ناهي ٿيڻو. سوشل ميڊيا جي ڳالهه ٿي رهي آهي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد رئوف حسن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻين تحريڪ انصاف جي مردن جو به ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. عدالت ٻن عورت ڪارڪنن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ٻئي پاسي گهرو وزارت جي ترجمان پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ احمد وقاص جنجوعه جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته رياست مخالف پروپيگنڊا جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعه کي گرفتار ڪيو ۽ ابتدائي جاچ ۽ ڊجيٽل مواد جي روشني ۾ اسلام آباد پوليس ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم ڇاپو هنيو. گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ ملوث آهي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وڌيڪ جاچ ۽ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم) جوڙي رهي آهي. اڃا تائين اهو واضح ناهي ته رئوف حسن ۽ احمد وقاص جنجوعه کي ڪهڙي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي. گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ ملوث آهي.